لاهور(بيورو رپورٽ)

ڳجهن ادارن جو سياسي ڪردار مڪمل ختم ڪنداسين:پ پ جي پرڏيهي ڪاميٽي

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ جي  پرڏيهي معاملن جي ڪاميٽي جي چيئرمين منير احمد خان چيو آهي ته سندس حڪومت ڳجهن ادارن ۾ سياسي ونگز ۽ سياسي  ڪردار کي مڪمل  طور تي ختم ڪندي، ان مقصد لاءِ سياسي پارٽيون پ پ جو ساٿ ڏين،  خانگي ٽي وي چينل سان  ڳالهائيندي  هن چيو ته آءِ ايس آءِ ملڪ مضبوط بڻائڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي تي ڌيان ڏئي، هن چيو ته  سياستدانن  کي آءِ ايس آءِ جو  ايجنٽ بڻجڻ بدران حڪومت جو  ساٿ ڏيڻ گهرجي.