|
نئين صدر جو فيصلو زرداري سان
مشاورت بعد ڪيو ويندو:نواز شريف
نئين
دهلي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف
چيو آهي ته نئين صدر جو فيصلو آصف زرداري سان مشاورت کانپوءِ
ڪيو ويندو، هڪ ڀارتي ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ ميان نواز شريف
چيو ته صدر پرويز مشرف جو مواخذو پاڪستان جو اندروني معاملو
آهي، آمريڪا انهي ۾ مداخلت نه ڪري، هن چيو ته هٽايل ججن جي
بحالي اسان جي پهرين ترجيح آهي، اسان جا وزير ججن جي بحالي
خاطري تي ئي وفاقي ڪابينا ۾ شامل آهن.
|