|
وزيراعظم
جي گاڏي تي فائرنگ ۾انتهاپسند ملوث آهن:زرداري
اسلام
آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري وزيراعظم
جي گاڏي تي فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته حملو انتهاپسندن
ڪيو آهي، جيڪي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا، جاري ڪيل بيان ۾
هن چيو ته انتهاپسند ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ اهڙا حملا ڪري رهيا
آهن، حڪومت نه ڊڄندي، پاليسي جاري رهندي، ان کي وڌيڪ سگهارو
بڻايو ويندو.
|