قائم علي شاهه 5 سال وڏو وزير رهندو،ڪوبه وزير سنڌ سرڪار کي غير مستحڪم ڪندو ته اهو غدار هوندو:صوبائي وزير

 

ڪراچي (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل سنڌ جي سينيئر وزير پير مظهرالحق، گهرو کاتي جي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ قانون واري وزير اياز سومري ڪالهه هتي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين جيڪي طالبانائيزيشن بابت تفصيل ڏنا آهن تن جي ورتل مٿاڇري جائزي ۾ڪراچي سميت سنڌ ۾ ڪٿي به طالبانائيزيشن جو ڪو ثبوت نه مليو آهي، تنهن ڪري ان ڏس ۾ ڪو فوري قدم کڻڻ جي ضرورت ناهي، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ سنڌ سرڪار جي تبديلي جون خبرون بلڪل بي بنياد آهن ۽ سيد قائم علي شاهه پنجن سالن تائين سنڌ جو وڏو وزير رهندو، سينيئر وزير پير مظهرالحق چيو ته اسان الطاف حسين جي خواهش تي ساڻس ملڻ لنڊن وياسين پر پٺيان ڪن اخبارن ۾ اها خبر لڳي ته سيد  قائم علي شاهه جي وڏ وزارت وڃڻ واري آهي، تنهن ڪري الطاف حسين سان ملي ان کي بچائڻ ويا آهيون ۽ جڏهن اسان واپس آياسين ته وري اها خبر لڳي ته الطاف حسين سان اسان جا معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ سنڌ سرڪار بچي وئي آهي، هن چيو ته اهڙين خبرن ۾ ذرو به سچائي نه آهي، هاڻي ته فنڪشنل ليگ جي سربراهه پير پاڳاري به اسان تي شفقت جو هٿ رکي ڇڏيو آهي، جنهن لاءِ  ڪجهه ماڻهو چوندا هئا ته هو پيپلز پارٽي سان گڏ نه ٿو ٿي سگهي، هن چيو ته سيد قائم علي شاهه کي پارٽي وڏو وزير بڻايو آهي ۽ ڪو به وزير سنڌ حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته اهو غدار هوندو،  هن چيو ته سرڪار ڪنهن جي جاگير نه هوندي آهي، تنهن ڪري اسان ايم ڪيو ايم سميت ٻين ڌرين کي گڏ ڪيو آهي، هن چيو ته سيد قائم علي شاهه جهڙو شريف وڏو وزير آئون به نه ٿو ٿي سگهان، کيس پارٽي، ايم پي ايز، وزيرن ۽ اتحادي ڌرين جو مڪمل اعتماد حاصل آهي، هن چيو ته آصف علي زرداري جي صدر بڻجڻ کانپوءِ درست معنيٰ ۾ حڪومت جي عملداري قائم ٿي آهي، اسان کي بند پيل اٽڪل 5 هزار اسڪول کولرائڻا آهن، هن چيو ته 13 هزار استادن کي مڪمل ميرٽ تي ڀرتي ڪيو ويندو ۽ ان ڏس ۾ صدر آصف زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي چونڊيل ميمبرن کانسواءِ اتحادي ڌرين جو پڻ اتفاق آهي، هن چيو ته مون پاڻ پراسيڪيوشن ونگ کي قانون کاتي جو حصو بڻائڻ لاءِ سمري تيار ڪرائي آهي ۽ اهو درست ناهي ته اهو کاتو مون کان کسيو ويو آهي، ان موقعي تي گهرو کاتي جي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته الطاف حسين ڪجهه اخباري خبرون، رسالن ۾ ڇپيل انٽرويوز ۽ مدرسن جي تفصيل تي ٻڌل فائيل اسان حوالي ڪيو. هن چيو ته مون الطاف حسين کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪراچي سميت سنڌ ۾ ڪٿي به طالبانائيزيشن ناهي ۽ ان ڏس ۾ زوري ڏاڙهيون رکرائڻ، سي ڊيز جا دڪان ۽ ڇوڪرين جا اسڪول بند ڪرائڻ سميت طالبانائيزيشن جون ڪي به نشانيون ۽ ثابتيون نه مليون آهن، هن چيو ته آئون اهو نه ٿو چئي سگهان ته الطاف حسين منهنجي دليلن سان قائل ٿي ويو پر ان کانپوءِ ان مسئلي تي سندس لهجو ٿڌو آهي، هن چيو ته اسان اسلامائيزيشن جي حمايت ڪريون ٿا، جڏهن ته طالبانائيزيشن ڌار شئي آهي، جنهن جي نالي سان ئي آپگهاتي حملن ۽ هٿيارن جي زور تي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ جو ڀوائتو تصور ۽ منظر آڏو اچي وڃي ٿو، هن چيو ته سنڌ ڌرتي صوفين جي آهي ۽ اسان فطري توڙي مذهبي طور تي طالبانائيزيشن ڏانهن وڃي نه ٿا سگهون، هن چيو ته ڪراچي سميت سنڌ ۾ طالبانائيزيشن موجود ناهي ۽ ان مسئلي تي عوام پريشان نه ٿئي، ان هوندي به اسان ايجنسين وسيلي ڳوڙهائي سان طالبانائيزيشن بابت جاچ ڪرائي رهيا آهيون، هن چيو ته طالبانائيزيشن خوف، دهشتگردي ۽ ڌمڪي سان ٽمٽار آهي، جڏهن ته اسلامائيزيشن پيار ۽ امن جو درس ڏئي ٿي، هن چيو ته اسلام جي روح مطابق ڪو به ڪنهن کي هٿيارن جي زور تي نماز پڙهائي نه ٿو سگهي، هن چيو ته ڪو به غيرت، سياست يا مذهب جي نالي تي ڏوهه ڪندو ته ان سان قانون موجب سختي سان منهن ڏنو ويندو ۽ ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جو دٻاءُ برداشت نه ڪنداسين، هن چيو ته اها عوام دشمنن جي پروپيگنڊا آهي ته سنڌ جو وڏو وزير يا سنڌ حڪومت تبديل ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته سيد قائم علي شاهه پنجن ورهين تائين وڏو وزير رهندو، باقي پير مظهرالحق، نثار احمد کهڙي، ذوالفقار مرزا، آغا سراج دراني سميت جيڪي به پ پ اڳواڻ ۽ وزير آهن اهي اڳتي وڌڻ جي جستجو رکن ٿا جيڪو سندن حق به آهي پر پارٽي جو فيصلو سڀني کي مڃڻو پوي ٿو، ان موقعي تي قانون واري وزير اياز سومري چيو ته جيڪو سرڪاري وڪيل عدالت ۾ نه ويندو ۽ حقدار جو ڪيس نه وڙهندو ان کي نوڪري ۾ رهڻ جو ڪو به حق ناهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي لکيو ويو آهي ته اٽي سميت روزانو واهپي جي شين جي اگهن تي ڪنٽرول لاءِ مئجسٽريٽس کي ٿڏي تي سزا ڏيڻ وارا اختيار ڏنا وڃن، هن چيو ته 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي پهرين ورسي تي ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو، هن چيو ته ٻارن کي وڪري لاءِ پيش ڪرڻ وارا واقعا پ پ سرڪار کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪرايا پيا وڃن ۽ اهو قدم ٻارن واري قانون تحت ڏوهه آهي ۽ ان قانون تحت قدم کنيو ويندو. پريس ڪانفرنس کانپوءِ سينيئر وزير پير مظهرالحق کان جڏهن سوال پڇيو ويو ته جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ڄام مدد علي چيو آهي ته سنڌ سرڪار 71 ارب رپين جي سالياني صوبائي ترقياتي بجيٽ ۾ 19 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪري ڇڏي آهي ته هن وراڻيو ته ڄام مدد علي کي وزير ٿيڻ جي جلدي آهي، گهرو کاتي جي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا مختلف سوالن جي جواب ۾ چيو ته جيڪي مدرسا رجسٽرڊ ٿيل نه آهن تن کي هلائيندڙن سان ڳالهيون ڪري تصديق ڪرائي ويندي ته انهن مدرسن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪا به جاگيرداري ناهي باقي وڏيرڪي ذهنيت ڪراچي جي لالو کيت سميت هر هنڌ موجود آهي هن چيو ته اسان سرڪاري سرپرستي ۾ ٿيندڙ اهي جرڳا بند ڪرائي ڇڏيا آهن جن ۾ نام نهاد قبيلائي سردار 50-50 بدمعاش وٺي ايندا هئا ۽ پوليس جا اعليٰ عملدار به ويٺل هوندا هئا، جڏهن ته جلد اسان جرڳن کي مڪمل طرح بند ڪرائي ڇڏينداسين، هن چيو ته غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڀيٽ ۾ اها ڳالهه چڱي آهي ته تحفظ لاءِ ماڻهو قانوني هٿيار رکن ۽ ان لاءِ اسان هٿيارن جا لائسنس ڏئي رهيا آهيون جيڪي پوليس جي تصديق کانپوءِ ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته هر مهيني ڪراچي جي ڊي سي او کي اڍائي سئو، حيدرآباد جي ڊي سي او کي هڪ سئو ۽ باقي ضلعن جي ڊي سي اوز کي 70-70 لائسنس جاري ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي.