اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

ارباب جي موڪل واري درخواست تي حڪومتي ميمبر جذباتي ٿي ويا،هنگامو،درخواست رد

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ اسيمبلي ۾ ارباب رحيم جي موڪل واري درخواست تي حڪومتي ڌر جا ميمبر جذباتي ٿي ويا. جنهن ڪري هل هنگامو ٿي ويو. حڪومتي ڌر جي سخت اعتراضن سبب ارباب رحيم جي درخواست منظور نه ٿي سگهي، ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيو. جنهن جي شروعاتي اڌ ڪارروائي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ۽ ان کانپوءِ اسپيڪر نثار کهڙو هلائي، اجلاس ۾ ايم پي ايز جي موڪلن لاءِ ڏنل درخواستن جي واري اچڻ تي جڏهن اڳوڻي وزيراعليٰ ۽  ق ليگ ايم پي اي ارباب غلام رحيم جي موڪل واري درخواست آئي ته ان تي حڪومتي ڌر جي ميمبرن سخت اعتراض ڪيو ۽ پ پ جي عورت ايم پي ايز گوڙ شروع ڪيو ته درخواست رد ڪئي وئي. ان دوران اپوزيشن ليڊر ڄام مدد علي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا کي گذارش ڪئي ته هو درخواست کي منظور ڪري جنهن تي حڪومتي ڌر مان ”نو نو“  جا آواز اچڻ شروع ٿي ويا. جنهن تي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڊپٽي اسپيڪر کي گذارش ڪئي ته ارباب رحيم جي موڪل واري درخواست تي ايوان ۾ اتفاق ناهي، تنهن ڪري ان کي ملتوي ڪيو وڃي، ٻي ويهڪ تائين ان تي وري مخالف ڌر جو ليڊر ڄام مدد اٿيو، جنهن چيو ته پ پ جمهوريت جي دعويدار پارٽي آهي تنهن ڪري ارباب رحيم جي درخواست منظور ڪئي وڃي پر ايوان ۾ سرڪاري ڌار پاران گوڙ ٿيڻ ڪري ارباب رحيم جي درخواست منظور نه ڪئي وئي. ان لاءِ قانون واري وزير اسپيڪر کي گذارش ڪئي ته هو مخالف ڌر سان ويهي مسئلي کي حل ڪندا، جڏهن ته اجلاس ۾ مخالف ڌر جي ميمبر عارف مصطفيٰ جتوئي پاران اٽو 10 رپيا ڪلو وڪرو ڪرڻ بابت پيش ڪيل تحريڪ تي صوبائي وزير بيورو آف سپلاءِ اينڊ پرائسز سيد شعيب بخاري سخت اعتراض واريا ته اسيمبلي جي رولز موجب تحريڪ ناهي، جڏهن ته وڏي وزير به تحريڪ کي قاعدن جي ابتڙ قرار ڏنو. جنهن کانپوءِ تحريڪ کي قاعدن جي ابتڙ قرار ڏئي رد ڪيو ويو. جڏهن ته سوالن جوابن جي وقفي دوران مخالف ڌر جي عارف مصطفيٰ جتوئي، پ پ ايم پي اي محمد نواز چانڊيو، مسلم ليگ ق جي نزهت پٺاڻ ۽ ٻين پاران پڇيل لکت توڙي ضمني سوالن جا جواب ڏيندي خوراڪ واري وزير نادر مگسي چيو ته اسان کي جڏهن حڪومت ملي ان وقت ڪجهه ضلعن ۾ ڪڻڪ جو آڳاٽو فصل هليو ويو. جڏهن ته ڪڻڪ خريداري جو هدف حاصل نه ٿي سگهيو .