اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
رپئي جي اگهه ۾ ٻيهر وڏي لاٿ، ڊالر 77.10 رپيا ٿي ويو ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) اوپن ڪرنسي مارڪيٽ ۾ ڪالهه پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قيمت هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي سطح تي وڌي وئي آهي۽ رپئي جي قيمت ۾ لاٿ آئي آهي، جڏهن ته يورو ۽ پائونڊ جي قدر ۾ گهٽتائي واقع ٿي. اربع ڏينهن اوپن ڪرنسي مارڪيٽ ۾ ڊالر جي خريداري اگهه ۾ 70 پئسن ۽ وڪري ۾ 60 پئسن جي واڌ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊالر جي خريداري وارو اگهه 76 مان وڌي 76 رپيا 70 پئسا ۽ وڪري وارو 76 رپيا 50 پئسن مان وڌي 77 رپيا 10 پئسا جي نئين مٿانهين سطح تي پهچي ويو. |