اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

ڪامران ٽسوري ۽ سندس گهر ڀاتين کي ايف آءِ آر عدالت ۾ پيش ڪرڻ کانسواءِ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽ: اعظم زهراڻي) سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي جسٽس مسز قيصر  اقبال ۽ جسٽس خواجا نويد احمد تي ٻڌل ڊويزن بئنچ  اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي ويجهي دوست ۽ مبينا طور  مفرور ڄاڻايل سون جي واپاري ڪامران ٽيسوري، سندس والد،ڀاءُ  ۽ ٻين ڀاتين خلاف ڪيسن جي ايف آءِ آر عدالت ۾ پيش ڪرڻ بنا گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه سومر ڏينهن سندس ناني زيتون بيگم جي وڪيل محمد اشرف قاضي پاران پيش ڪيل تڪڙي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. عدالت ٽيسوري گروپ جي سمورن سون جي دڪانن توڙي شوروم ۽ ٻين دفترن جي تالابندي ختم ڪري کين ڪاروبار شروع ڪرڻ ۽ گهرن ۾ رهائش اختيار ڪرڻ جي به پڻ اجازت ڏئي ڇڏي آهي. زيتون بيگم جي وڪيل محمد اشرف قاضي پاران داخل ڪيل تڪڙي ٻڌڻي واري درخواست ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سرڪاري اهلڪار کين ڪوڙن ڪيسن ۾ نامزد ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. سنڌ سرڪار جي اعليٰ اختيارين ڪامران ٽيسوري کي گرفتار ڪرڻ بعد 6 ڪروڙ رپيا وٺي کيس آزاد ڪيو ۽ ان کانپوءِ کيس مفرور ڄاڻايو. جنهن کانپوءِ پوليس ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي اهلڪارن سندن گهرن تي غير قانوني طور قبضو ڪري ڇڏيو آهي، جنهنڪري سمورا ڄاڻايل گهر ڀاتي پنهنجي گهرن ۾ رهائش اختيار نه ٿا ڪري سگهن. ساڳي طرح ٽيسوري گولڊ جي شوروم ۽ دڪانن تي پڻ اهلڪار مقرر ٿيل آهن جنهنڪري اهي سمورا دڪان ۽ شوروم بند پيل آهن، نتيجي ۾ نه رڳو گراهڪ پريشان آهن پر انهن شورومز تي ڪم ڪندڙ اٽڪل 150 ملازم پڻ بي روزگاري جي زندگي گهاري رهيا آهن. پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ڪامران ٽيسوري سميت سندس والد اختر ٽيسوري، ڀاءُ عرفان ٽيسوري ۽ ٻين خلاف ڪو ڪيس داخل نه هجڻ باوجود کين تلاش ڪري رهيا آهن ياد رهي ته ڪامران ٽيسوري جي ناني زيتون بيگم درخواست ۾  سنڌ سرڪار، آءِ جي سنڌ، ڪراچي جي سي سي پي او، اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين ۽ ٻين کي ڌر بڻائيندي اهو موقف اختيار ڪيو هو ته پوليس ۽ ٻين سرڪاري اختيارين اڳوڻي وڏي وزير ارباب رحيم جي دوست هئڻ جي ناتي درخواستگذار جي  ڏوهٽي ڪامران ٽسوري کي 15 جون تي گرفتار ڪيو ۽ ان کانپوءِ اينٽي ڪرپشن بابت وڏي وزير جي صلاحڪار گل محمد لاٽ  6 ڪروڙ رپيا وٺي کيس آزاد ڪيو پر ان باوجود پوليس ۽ اينٽي ڪرپشن جي اهلڪارن کيس مفرور قرار ڏنو ۽ سندس گهر توڙي ڪاروباري شوروم ۽ دڪانن تي غير قانوني طور قبضو ڪري ورتو آهي.