ڪراچي (بيورو رپورٽ)

سنڌ جي تعليمي بورڊن جو انتظامي ڪنٽرول وڏي وزير حوالي،اسيمبلي ۾ ترميمي بل منظور

ڪراچي (بيورو رپورٽ)  سنڌ اسيمبلي 3 قانون يڪراءِ منظور ڪري ورتا آهن، منظور ڪيل ٽن قانونن مان هڪ قانون تحت سنڌ جي سڀني ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊن جو انتظامي ڪنٽرول گورنر کان واپس وٺي سنڌ سرڪار حوالي ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ هاڻي اهي تعليمي بورڊ وڏي وزير يا سندس نامزد ڪيل نمائندي جي هٿ هيٺ ڪم ڪندا، ٻئي پاس ڪيل قانون تحت سنڌ ڳوٺ آباد رهائشي اسڪيم لاءِ ٻهراڙين جي نشاندهي، سڃاڻپ ۽ تشريح ڪئي آهي، جيڪا 2001 ع ۾ آندل نئين مڪاني سرشتي اچڻ کانپوءِ اڻ اعلانيا طور ختم ڪئي وئي هئي، ٽئين قانون تحت هاڻي سنڌ جا سڀئي اڳوڻا وڏا وزير ۽ وزير به سرڪاري گيسٽ هائوسن ۽ ريسٽ هائوسن ۾ رهائش ۽ گاڏي سميت ٻيون سهولتون حاصل ڪري سگهندا، ايوان مان صدر خلاف بي اعتمادي جي ٺهراءَ بحال ٿيڻ کانپوءِ قانون واري وزير اياز سومري ايوان کان قاعدن ۾ نرمي جي اجازت وٺندي واري کان اڳ 1972 ع جي سنڌ بورڊز آف انٽرميڊيئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن آرڊيننس ۾ ترميم جو قانوني بل منظوريءَ لاءِ پيش ڪيو، سينيئر ۽ تعليم واري وزير پير مظهر الحق چيو ته افسوس ته پنجاب سميت ٻين صوبن ۾ تعليمي بورڊ وڏن وزيرن جي هٿ هيٺ آهن پر سنڌ ۾ 1972 ع کان وٺي تعليمي بورڊ وڏي وزير بدران گورنر وٽ آهن ۽ هاڻي جمهوريت جي بحاليءَ کانپوءِ تعليمي ۽ امتحاني سرشتو سڌارڻ لاءِ تعليمي بورڊ وڏي وزير جي انتظامي ڪنٽرول ۾ ڏنا پيا وڃن، هن چيو ته امتحاني پيپر آئوٽ ٿيڻ سميت ٻين غلط ڪمن جا الزام سنڌ سرڪار تي لڳن ٿا، جڏهن ته تعليمي بورڊ گورنر جي ماتحت رهندا پيا اچن ۽ هاڻي جڏهن اهي وڏي وزير وٽ هوندا ته انهن بابت اسان سنڌ اسيمبليءَ ۾ جواب ڏيڻ لاءِ به موجود هونداسين، قانون واري وزير اياز سومري چيو ته اسان چيف سيڪريٽري کي لکيو آهي ته آمريتن ۾ وڏي وزير جا جيڪي به اختيار گورنر حوالي ڪيا ويا تن بابت لاڳاپيل کاتن کان تفصيل وٺي موڪليا وڃن، بعد ۾ اسپيڪر نثار احمد کهڙي اهو قانوني ترميمي بل ايوان آڏو پيش ڪيو،  جيڪو يڪراءِ منظور ڪيو ويو. ان کانپوءِ قانون واري وزير  ”سنڌ ڳوٺ آباد رهائشي اسڪيم“ جي قيام واري قانون ۾ ترميم جو قانوني بل پيش ڪيو، روينيو واري وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته 1979 ع  واري مڪاني ادارن جي قانون ۾ شهرن جي حدن ۾ موجود ٻهراڙين جي تشريح ۽ نشاندهي ڪيل هئي، جنهن سان ٻهراڙين جون حدون ۽ سڃاڻپ چٽي هئي پر 2001 ع ۾ ٻهراڙين جي اها سڃاڻپ نه رهي، تنهن ڪري گذريل 8 ورهين ۾ ڪراچي سميت شهرن ۾ موجود ڳوٺ مستقل نه ٿي سگهيا، ان لاءِ هي ترميمي بل آندو ويو آهي جنهن کانپوءِ ڪراچي ۾ ڳوٺ مستقل ڪيا ويندا، بعد ۾ اسپيڪر هي ترميمي بل ايوان آڏو پيش ڪيو،  جيڪو پڻ يڪراءِ بحال ڪيو ويو، هوڏانهن اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ سيد مراد علي شاهه ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته ترميمي بل کانپوءِ ٻن ٽن ڏينهن ۾ روينيو کاتو هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ٻهراڙين واريون اهي يوسيز ۽ علائقا پڌرا ڪري ڇڏيندو جيڪي 1979 ع ۾ ٻهراڙين طور پڌرا ڪيا هئا، ٻئي پاسي سنڌ اسيمبلي ۾ قانون واري وزير اياز سومري وزير جي پگهارن ۽ مراعتن جي قانون ۾ ترميم جو قانوني بل پيش ڪيو جيڪو پڻ ايوان يڪراءِ سان منظور ڪري ورتو، جنهن کانپوءِ هاڻي اڳوڻا وڏا وزير، وزير ۽ اڳوڻا صوبائي وزير به سرڪاري گيسٽ ۽ ريسٽ هائوسز ۾ سهولتون حاصل ڪري سگهندا.