|
حڪومت طرفان بجيٽ خسارو پورو ڪرڻ لاءِ اثاثا وڪڻڻ جو فيصلو، عالمي بينڪ هڪ ارب ڊالر ڏيندي:اسٽيٽ بينڪ ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ جي گورنر شمشاد اختر چيو آهي ته حڪومت بجيٽ خسارو پورو ڪرڻ لاءِ اثاثا وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته عالمي بينڪ ترقياتي ڪمن لاءِ هڪ ارب ڊالر فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، ڪالهه معاشي پاليسين جي حوالي سان اجلاس کانپوءِ معيشت بابت پاليسي بيان جاري ڪندي گورنر اسٽيٽ بينڪ چيو ته حڪومت ۽ اسٽيٽ بينڪ معيشت جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، حڪومت اسلامي بينڪن کان قرض وٺندي سگهندي ۽ رمضان جي پهرين هفتي ۾ ئي ان جو طريقو جاري ڪيو ويندو، هن چيو ته سيڙپڪارن جي اعتماد کي بحال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ٻئي پاسي اقتصادي ماهرن جو خيال آهي ته اسٽيٽ بينڪ جي اهڙي فيصلي بعد ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي ملهه ۾ اضافو ٿيندو.
|