(مانيٽرنگ ڊيسڪ/آن لائن)

لاڙڪاڻي ۽ ڳڙهي ياسين جي تعلقي ناظمن کي هٽائڻ ۽ دادو جي تعلقي ناظم کي معطل ڪرڻ جي سفارش

ڪراچي(بيورو رپورٽ)سنڌ لوڪل گورنمينٽ ڪميشن لاڙڪاڻي ۽ ڳڙهي ياسين جي معطل ٿيل تعلقي ناظمن کي هٽائڻ  ۽ دادو جي تعلقي ناظم نبن لنڊ کي معطل ڪرڻ لاءِ وڏي وزير کي سفارش ڪندي ميرپورخاص ضلعي جي بجيٽ کي ٻيهر ڪائونسل مان منظور ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ان کانسواءِ مڪاني ادارن واري ڪميشن ضلعي ناظمن پاران  800 سي سي کان 1300 سي سي تائين جي گاڏي استعمال ڪرڻ بدران 40 _40 لک رپين جون لينڊ ڪروزر استعمال ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي ڊي سي اوز کان رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي،گذريل ڏينهن سنڌ لوڪل گورنمينٽ ڪميشن جو 39 هون اجلاس چيئرمين ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير  آغا سراج دراني جي صدارت ۾ ٿيو،جنهن ۾ ميمبر ٽيڪينڪل احمد علي هاليپوٽو،ميمبر پبلڪ حاجي منور عباسي ۽ مڪاني ادارن واري سيڪريٽري سميت مختلف عملدارن شرڪت ڪئي،جڏهن ته اجلاس جي 11 نقاطي ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويو،جنهن ۾ سمورن ضلعي حڪومتن کي 27 ڊسمبر سانحي ۾ سڙي ويل رڪارڊ کي ٻيهر تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي،ذريعن موجب لاڙڪاڻي جي معطل ٿيل تعلقي ناظم قربان عباسي ۽ ڳڙهي ياسين جي تعلقي ناظم نجف ڪماريو کي غير قانوني ڀرتيون ڪرڻ،مختلف رٿائن ۾ ڪرپشن ڪرڻ ۽ اختيارن جو غلط استعمال ڪرڻ واري الزامن تحت معطل ڪرڻ واري فيصلي کي جائز قرار ڏنو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هاڻي ٻنهي تعلقي ناظمن کي هٽائڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي ويندي،جنهن لاءِ قانون واري کاتي کان راءِ گهرائي وئي آهي، ،ذريعن موجب اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ميرپورخاص ضلعي حڪومت پاران پيش ڪيل بجيٽ ۾ قانون جي گهرجن کي پورو نه ڪيو ويو،تنهن ڪري ضلعي حڪومت کي ٻيهر ڪائونسل مان بجيٽ منظور ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو،اجلاس ۾ جيڪب آباد جي تعلقي ناظم سجاد جکراڻي خلاف مال پڙي جي ٺيڪي نيلام ڪرڻ  واري مامري جي رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ تعلقي ناظم کي الزامن کان آجو قرار ڏنو ويو،جڏهن ته ٺٽي جي يونين ڪائونسل درياءَ خان کوسو جي اڳوڻي ناطم غلام مصطفيٰ سوهو خلاف شڪايتن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ يونين ڪائونسل جو منجمد ڪيل اڪائونٽ کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو،ذريعن موجب دادو جي تعلقي ناظم نبن لنڊ پاران غير قانوني ڪيل 400 ڀرتين واري مامري تي پڻ اجلاس ۾ غور ويچار ڪيو ويو، جنهن ۾ تعلقي ناظم پاران ڪيل ڀرتين کي غير قانوني قرار ڏيندي ‎ کيس معطل ڪرڻ لاءِ وڏي وزير کي سفارش ڪئي ويندي، اجلاس ۾ تعلقي ناظم لطيف آباد کي آغا تاج محمد اڪيڊمي جي زمين واري مامري بابت فيصلو ڪيو ويو ته آغا تاج محمد اڪيڊمي کان اها ضمانت ورتي ويندي ته هو جنهن مقصد لاءِ زمين وٺي رهيا آهن اها ان مقصد لاءِ ئي استعمال ڪئي ويندي، نوشهرو فيروز ضلعي حڪومت خلاف حبيب الله ڪورائي پاران ڪيل شڪايتن جو جائزو ورتو ويو ،پر اهو مامرو عدالت ۾ هجڻ ڪري ان مامري تي عدالتي فيصلو اچڻ تائين ملتوي ڪيو ويو،