ڊيرابگٽي جي اڳوڻي ڊي سي او عبدالصمد لاسي جي گرفتاري لاءِ ڇاپا،فائرنگ

ڊيرابگٽي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊيرابگٽي ۾ فوجي آپريشن جي مک ڪردار ڊي سي او ڊيرابگٽي عبدالصمد لاسي جي گرفتاري لاءِ ڇاپا شروع ڪيا وياآهن، ذريعن موجب ڊي سي او ڊيرابگٽي برک قومرپست اڳواڻ نواب اڪبر بگٽي جي قتل واري آپريشن جي نگراني ڪئي هئي، کانئس سموريون سرڪاري سهولتون واپس ورتيون ويون آهن ۽ گرفتاري لاءِ حب ۾ سندس ذاتي گهر تي پوليس اٽالن ڇاپو هنيو پر عبدالصمد لاسي موجود نه هو،  اطلاع آهن ته هو سسئي پنهون جابلو سلسلن ڏانهن فرار ٿي ويو آهي، جتي سندس گارڊن ۽ پوليس ۾ فائرنگ به ٿي، پوليس عبدالصمد لاسي ۽ سندس محافظن جون 3 گاڏيو تحويل ۾ ورتيون آهن.