|
لاهور ۾ جشن آزادي جي رات آپگهاتي ڌماڪو، 3 اهلڪارن سميت 6 مارجي ويا،20 زخمي لاهور (رپورٽ: امداد علي سومرو) لاهور ۾ جشن آزادي واري رات دير سان آپگهاتي بم ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 پوليس اهلڪارن سميت 6 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته اٽڪل 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ان سلسلي ۾ مليل تفصيلن موجب رات دير سان لاهور جي علامه اقبال ٽائون جي دبئي چوڪ تي اوچتو هڪ خوفناڪ بم ڌماڪو ٿيو، جنهن کانپوءِ فوري طور سموري علائقي جي بجلي بند ٿي وئي، علائقي ۾ قيامت جهڙو منظر لڳي رهيو هو، اکين ڏٺن شاهدن موجب دبئي چوڪ وٽ هڪ ريسٽورنٽ به آهي، رش جو وقت هو، جشن آزادي جي سلسلي ۾ پاڪستاني جهنڊا وڪرو ڪيا پئي ويا ته اوچتو هڪ موٽرسائيڪل سوار شخص هجوم ۾ پهچي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، ڏسندي ئي ڏسندي انساني لاش روڊ تي وکري ويا، هنگامي بنيادن تي ايمبولينسون طلب ڪيون ويون، رپورٽ موجب جنهن جاءِ تي ڌماڪو ٿيو اتي جهنڊا وڪرو ٿي رهيا هئا، ان ڪري وڏي انگ ۾ پوليس نفري مقرر هئي، چيو پيو وڃي ته آپگهاتي بمبار جو ٽارگيٽ پوليس هئي، هڪ عيني شاهد موجب آپگهاتي بمبار موٽرسائيڪل تي سوار هو، کيس ڏاڙهي ۽ شلوار قميص پاتل هئي، حملي آور جي منڍي ۽ هڪ پوليس اهلڪار جو لاش اڏامي وڃي روڊ تي ڪري پيا، واقعي بعد زخمين کي اسپتالن ۾ پهچايو ويو آهي، جن مان 12 زخمين کي شيخ زيد اسپتال آندو ويو، جڏهن ته اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري شهر ۾ هاءِ الرٽ ڪيو ويو، اطلاعن مطابق ڌماڪو دبئي چوڪ جي ٽرئفڪ سگنل وٽ ٿيو، ڌماڪي جي شدت سبب آسپاس جي عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا، آءِ جي پنجاب موجب مارجي ويلن ۾ سب انسپيڪٽر عارف بلوچ، هڪ ڪانسٽيبل عارف ملهي، هڪ نامعلوم سپاهي، هڪ عورت ۽ هڪ عام شهري شامل آهن، آءِ جي موجب حملي جو ٽارگيٽ پوليس هئي.ٻئي پاسي ڌماڪي بعد سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، واضح رهي ته لاهور ۾ جنهن وقت ڌماڪو ٿيو ان وقت ايوان صدر، پارليامينٽ هائوس ۽ ڪاڪول ملٽري اڪيڊمي ۾ جشن آزادي جون تقريبون ٿي رهيون هيون، هوڏانهن لاهور ڌماڪي بعد ڪراچي ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا هئا، پوليس کي هاءِ الرٽ ڪيو ويوهو، وزيراعظم يوسف رضا گيلاني فوري طور لاهور ڌماڪي جي مذمت ڪندي جاچ جو حڪم ڏنو آهي.
|