اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
سنڌ حڪومت رسول بخش بروهي ڪيس مان جوابدارن جي آزادي وارو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو ڪراچي (رپورٽ: اعظم زهراڻي) سنڌ سرڪار ڪوٽڙي جي پورهيت رسول بخش بروهي کي گرفتار ڪرڻ بعد ڏوهاري معشوق بروهي ڄاڻائي جعلي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪرڻ واري ڪيس مان لياري ٽاسڪ فورس جي اڳوڻي سربراهه ايس پي چوڌري اسلم سميت 8 جوابدارن کي آزاد ڪرڻ بابت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي، اهڙي اپيل سنڌ سرڪار پاران پراسيڪيوٽر جنرل شهادت علي اعواڻ داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پورهيت رسول بخش بروهي کي ڏوهاري معشوق بروهي ڄاڻائي قتل ڪرڻ بابت واضح شاهدين کي نظرانداز ڪري ان ۾ ملوث 8 اهم جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي جيڪو قانون ۽ انصاف جي بنيادي اصولن جي خلاف آهي، جنهن ڪري گذارش آهي ته جوابدار چوڌري اسلم ۽ ٻين کي آزاد ڪرڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني ڪري ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، ياد رهي ته 29 جولاءِ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس خواجه نويد احمد تي ٻڌل سنگل بئنچ رسول بخش بروهي کي جعلي پوليس مقابلي واري ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ايس پي چوڌري اسلم سميت سندس 8 ساٿين ڊي ايس پي عرفان بهادر، سرور ڪمانڊو، صفدر شاهه، انسپيڪٽر اسحاق لاشاري، سب انسپيڪٽر آصف جميل قريشي، مير فروش ۽ خانگي جوابدار نظر محمد عرف نظرو جي بريت واري درخواست منظور ڪندي سندن خلاف ڪيس جي ڪارروائي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو.
|