اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

بش آصف ملاقات ۾ فوج ۽ آءِ ايس آءِ جي ڪارڪردگي تي به بحث ٿيو

نيويارڪ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش ۽ صدر آصف زرداري وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ پاڪستاني فوج ۽ آءِ ايس آءِ جي ڪارڪردگي جو معاملو به بحث هيٺ آيو، سڌ سماءَ واري وزير شيري رحمان ملاقات جا تفصيل ذريعن کي ٻڌائيندي چيو ته ملاقات انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ٿي، آمريڪي صدر دهشتگردي خلاف آصف علي زرداري جي عزم جي تعريف ڪئي، بي بي سي مطابق شيري رحمان صحافين کي ٻڌايو ته ملاقات ۾ القائده ۽ طالبان جي وڌندڙ سرگرمين تي به بحث ڪيو ويو، پاڪستاني علائقن ۾ آمريڪي ڪاررواين ۽ پاڪستان جي خودمختياري جا معاملا به غور هيٺ آيا، جڏهن ته وزير اطلاعات وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، صدر زرداري ۽ بش وچ ۾ نيويارڪ جي والڊراف اسٽوريا هوٽل ۾ ملاقات ٿي، شيري رحمان موجب آءِ ايس آءِ سميت پاڪستان جي سيڪيورٽي ايجنسين جي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.