|
بارڪ اوباما پهرين آفريڪي ايرڪ هولڊر کي
اٽارني جنرل نامزد ڪري ڇڏيو
واشنگٽن
(اين اين آءِ) آمريڪي صدر بارڪ اوباما ايرڪ هولڊر کي اٽارني
جنرل نامزد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايرڪ هولڊر اوباما طرفان ڪيل
نامزدگي کي قبول ڪيو آهي، آمريڪي ميڊيا رپورٽس مطابق ڪلنٽن جي
صدارت جي دور ۾ اڳوڻو ڊپٽي اٽارني جنرل هو، جيڪڏهن آمريڪي
سينيٽ ان جي مقرري کي منظور ڪري ورتو ته هو پهريون آفريڪي
آمريڪي هوندو، جنهن کي آمريڪي انصاف جي کاتي جو سربراهه بڻايو
ويندو.
|