بغداد (اي ايف پي) |
|
بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڌماڪا،ڪوئيٽا ۾درزي مارجي ويو ڪوئيٽا (بيورو رپورٽ )بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ زوردار ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو، ڪوئيٽا جي ريلوي اسٽيشن سامهون پارڪ ۾ رکيل ديسي ساخت جو ڌماڪيدار مادو زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جو آواز سڄي شهر ۾ ٻڌو ويو، جنهن سبب پارڪ جي ڀت کي نقصان پهتو ۽ علائقي جي گهرن ۽ آفيسن جا شيشا ٽٽي پيا، خضدار شهر ۾ هڪ هوٽل ويجهو زوردار ڌماڪو ٿيو، خاران ۾ پبلڪ هيلٿ جي آفيس کي باهه ڏني وئي، ڪوئيٽا جي جناح ٽائون ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ درزي محمد صديق مارجي ويو جنهن جو تعلق پنجاب سان هو. |