ميران شاهه(اي ايف پي) |
|
هليري ڪلنٽن بهترين پرڏيهي وزير ثابت ٿيندي:بل ڪلنٽن ڪويت سٽي (اي پي پي/آن لائن)آمريڪا جي اڳوڻي صدر بل ڪلنٽن چيو آهي ته جيڪڏهن نئون چونڊيل آمريڪي صدر بارڪ اوباما سينيٽر هليري ڪلنٽن کي پنهنجي ڪابينا ۾ پرڏيهي وزير مقرر ڪندو ته هوءَ بهترين پرڏيهي وزير ثابت ٿيندي. سومر تي هتي صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن چيو ته سينيٽر هليري ڪلنٽن پرائمري اليڪشن کانپوءِ سخت محنت ڪئي آهي ۽ جيڪڏهن بارڪ اوباما هن کي پرڏيهي وزير مقرر ڪندو ته مون کي يقين آهي ته هليري ڪلنٽن بهترين پرڏيهي وزير هوندي.
|