پشاور (آن لائن)

پينٽاگون گوانٽانامو بي جيل ۾ 12 معصوم ٻارن کي قيد رکڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

واشنگٽن (اي پي پي) آمريڪا پنهنجي بدنام حراستي ڪئمپ گوانٽانامو بي ۾ 12 معصوم ٻارن کي قيد رکڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، سومر تي سڌ سماءُ وارن ذريعن موجب آمريڪي دفاع واري اداري پينٽاگون جي ترجمان ٻارن جي حقن بابت گڏيل قومن جي ڪاميٽي کي ٻڌايو ته گوانٽانامو بي ۾ 12 ٻار قيد آهن، ترجمان چيو ته قيد ۾ رکيل ٻارن جي قوميت نه ٿي ٻڌائي سگهجي ڇو ته انهن بابت رڪارڊ دستياب نه آهي، ان کان اڳ آمريڪا جي اختيارين گڏيل قومن کي ٻڌايو ته گوانٽانامو بي ۾ 8 ٻار قيد آهن، واضح رهي ته ٻارن جي حقن جي علمبردار هڪ آمريڪي تنظيم پنهنجي رپورٽ ۾ چيو هو ته گوانٽانامو بي ۾ هڪ درجن ٻار قيد آهن ۽ انهن مان هڪ سعودي ڇوڪري 2006ع ۾جيل ۾ ئي آپگهات ڪري ڇڏيو هو.