|
ڀاشا ڊيم ٺاهڻ تي چار ئي صوبا
راضي آهن: پرويز اشرف
لاهور
(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير راجا پرويز اشرف
چيو آهي ته ڀاشا ڊيم قومي منصوبو آهي، جنهن لاءِ چئني صوبن جي
رضامندي موجود آهي ۽ هي منصوبو 8 سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، لاهور
۾ مقامي ڪمپني جي هاءِ پاور ٽرانسفارمر جي افتتاحي تقريب سان
خطاب ڪندي راجا پرويز اشرف چيو ته ڀاشا ڊيم منصوبي لاءِ ڪنهن
به قسم جي مخالفت نه آهي ۽ هن ۾ ٻين ڊيمن جي مقابلي ۾ پاڻي جو
وڌيڪ مقدار ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت هوندي، هن چيو ته ڊيم مان ساڍا
چار هزار ميگا واٽ سستي بجلي پيدا ٿي سگهندي.
|