اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
ايڊز جي مريضن جو انگ 675 ٿي ويو، قانونسازي جو اعلان اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صحت واري وفاقي وزير اعجاز جکراڻي قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته ملڪ مان ايڊز جي خاتمي لاءِ قانونسازي ڪئي پئي وڃي، جنهن تحت ايئرپورٽن تي پرڏيهي ملڪن مان ايندڙ مسافرن جا ايڊز ٽيسٽ ڪيا ويندا، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايڊز جو شڪار هوندو ته ان کي واپس موڪليو ويندو يا کيس الڳ رکيو ويندو، ڪالهه سوالن ۽ جوابن جي وقفي دوران شيرين ارشد جي سوال جي جواب ۾ صحت واري وزير اعجاز حسين جکراڻي ٻڌايو ته ملڪ ۾ امن امان ۽ قبائلي علائقن ۾ عسڪريت پسندي سبب پوليو ويڪسين جي فراهمي ۾ مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن ۽ هن وقت ملڪ ۾ پوليو ڪيسز جو انگ 101 ٿي ويو آهي، هن چيو ته 07 - 2006ع ۾ ملڪ ۾ پوليو جا ڪيس 26 هئا، هن چيو ته حڪومت پوليو جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، 2009ع تائين ان جو خاتمو ڪيو ويندو، هن چيو ته هوميوپيٿڪ دوائن جي رجسٽريشن لاءِ بل آڻي رهيا آهيون، ملڪ ۾ هوميوپيٿڪ دوائن سان ڪو به موت نه ٿيو آهي، ان بل تي ڌرين سان صلاح مشورو ڪيو ويو آهي ۽ جلد ان کي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو، ان حوالي سان هن وقت ملڪ ۾ ڪو به قانون موجود نه آهي، وفاقي وزير ٻڌايو ته ملڪ ۾ هن وقت ايڊز جي مريضن جو ڪل انگ 675 آهي ۽ ان جي روڪٿام لاءِ بينظير ڀٽو جي دور ۾ به مهم هلائي وئي هئي ۽ اها مهم ٻيهر شروع ڪئي ويندي، ڊينگي فيور جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انهن بيمارين جي روڪٿام ۽ جائزو وٺڻ جي لاءِ بين الصوبائي ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ صحت جي وفاقي وزير کانسواءِ چئني صوبن جا صحت جا وزير، اترين علائقن ۽ آزاد ڪشمير جا صحت جا سيڪريٽري شامل آهن ۽ انهن جو اجلاس هر مهيني ٿيندو، هن چيو ته ڊينگي فيور عام بيماري آهي، ان جي لاءِ حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ ڊينگي فيور جي مريضن جي انگ جي حوالي سان هن چيو ته اهو انگ ساڍن 6 هزارن مان گهٽجي هلندڙ سال 2000 ٿي ويو آهي، جنهن مان 959 ڪيس پنجاب ۾ آهن.
|