|
عوامي نيشنل پارٽي جو ايم اين اي عبدالمتين خان دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عوامي نيشنل پارٽي جي پليٽ فارم تان بونير جي تڪ تان ڪاميابي حاصل ڪندڙ ايم اين اي عبدالمتين خان دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويو، سندس عمر 64 سال هئي، عبدالمتين 1944ع ۾ بونير ۾پيدا ٿيو ۽ جهانزيب ڪاليج سيدو شريف سوات مان 1967 ع ۾ گريجوئيشن ڪئي، پي ٽي وي ۽ ٻين خانگي ٽي وي چينلن جي رپورٽ مطابق عبدالمتين خان 1969ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان تاريخ جي شعبي ۾ ماسٽرس ڪئي، هن 1989ع ۾ عوامي نيشنل پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي، صدر ۽ وزيراعظم عبدالمتين جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
|