علحدگي جي صورت ۾ عدالت وٽ  ڪو دستاويز ناهي هوندو، زباني طلاق تي  پابندي هڻڻ  جي سفارش ڪئي آهي: اسلامي نظرياتي ڪائونسل

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين پروفيسر  خالد مسعود چيو آهي ته نڪاح وانگر طلاق جي به رجسٽريشن  ٿيڻ گهرجي. ڪيترن ئي معاملن تي زال ۽ مڙس ۾ جهيڙا ٿيندا آهن، عليحدگي جي صورت ۾ عورت وٽ ڪو به دستاويز ناهي هوندو،جنهن ڪري انهن کي پنهنجو ڪيس وڙهڻ ۾  ڏکيائي ٿيندي آهي.خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي  هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ کي موڪليل سفارشن ۾ زباني طلاق تي پابندي ۽ تحريري طلاق  جو  قانون ٺاهڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، هاڻي پارليامينٽ ۾بحث ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته عالمن سان مشاورت بعد اهي تجويزون جوڙيون ويون آهن.