زال جي درخواست تي 90 ڏينهن ۾ طلاق ڏيڻ شرعي طور غلط آهي:مفتي منيب

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ ناليواري عالم مفتي منيب الرحمان چيو آهي ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل پنهنجي اختيارن کي اورانگهي رهي آهي، نظرياتي ڪائونسل سفارشون ڏيڻ بدران پاڻ قانون ٺاهي رهي آهي، خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن  چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو ڪم سفارشون ٺاهڻ ۽ شريعت جا حڪم ٻڌائڻ آهي، هن چيو ته جيڪڏهن ڪو شخص زباني يا تحريري طور طلاق ڏئي ته اها ٿي سگهي ٿي پر اها ڳالهه شرعي طور تي غلط آهي ته عورت درخواست ڏئي ته مڙس 90 ڏينهن ۾ طلاق ڏيڻ جو پابند هوندو، قرآن ۽ سنت ۾ ڪٿي به ائين ناهي چيو ويو، اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي پنهنجي بنيادي مقصدن تي رهڻ گهرجي، ڪائونسل کي رڳو 20 ماڻهن جي سفارشن تي عمل ڪرڻ غلط هوندو، هن چيو ته ان ڳالهه جي ڪا به پابندي ناهي ته درخواست کانسواءِ طلاق نه ٿيندي، زباني طور تي طلاق ڏئي سگهجي ٿي.