|
اسلام آباد پوليس جا 25 اهلڪار فرضن ۾ ڪوتاهي تي معطل،آءِ جي ۽ ٻين عملدارن کي ڇنڊ اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) گهرو معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار رحمان ملڪ سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات اسلام آباد جي سڀ کان وڌيڪ حساس علائقي ريڊ زون ۾ فرضن ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي 25 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري انهن خلاف جاچ جو حڪم ڏنو آهي، رحمان ملڪ رات جو تقريبن 2 وڳي پنهنجي ذاتي گاڏي ۾ نڪتو ۽ 7 ڪلوميٽرن تي مشتمل ريڊ زون ۾ڪافي دير تائين گهمندو رهيو پر اتي ڊيوٽي تي مقرر پوليس اهلڪارن مان ڪنهن به ڪوئي نوٽيس نه ورتو، ان صورتحال کي ڏسندي رحمان ملڪ اسلام آباد پوليس جي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سميت لاڳاپيل اختيارين کي رات دير سان پنهنجي گهر گهرايو ۽ کين ڇنڊ پٽي، ياد رهي ته آچر ڏينهن رحمان ملڪ هڪ پريس ڪانفرنس دوران سيڪيورٽي جي انتظامن کي تسلي بخش قرار ڏنو هو.
|