صدر جي مواخذي سان ٽڪراءَ واري صورتحال پيدا ٿيندي:ق ليگ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ(ق) ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران ڪشميرين جي قتل جي مذمت ڪندي ان خلاف قومي اسيمبلي ۾ مذمتي قرارداد پيش ڪرڻ، 15 آگسٽ تي اقوام متحده هاءِ ڪميشن ۾ واقعي خلاف مذمتي ٺهراءُ ۽ يادداشتنامو پيش ڪرڻ ۽ سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جا اجلاس سڏائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ق ليگ قيادت صدر پرويز مشرف کي چونڊيل صدر قرار ڏيندي مواخذي جي تحريڪ کي ٽڪراءَ واري صورتحال پيدا ڪرڻ وارو عمل سڏيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار مسلم ليگ(ق)  جي سيڪريٽري جنرل مشاهد حسين سيد، محمد علي دراني، ايم اين اي ماروي ميمڻ ۽ شيخ وقاص گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڪيو، مشاهد حسين سيد چيو ته ڀارتي سيڪيورٽي فورسز طرفان ڪشميري اڳواڻ شيخ عبدالعزيز سميت ڪشميرين جو قتل انسانيت جو قتل آهي، واقعي خلاف اڄ قومي اسيمبلي ۾ مذمتي قرارداد پيش ڪئي ويندي، حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته پرڏيهي وزارت سمورن سفيرن کي هدايت ڪري ته اهي 15 آگسٽ تي ڀارت جي يوم آزادي تقريبن جو بائيڪاٽ ڪن، محمد علي دراني چيو ته ڪشميرين جي قتل سان پاڪ-ڀارت امن ڪوششن کي نقصان پهچايو ويو آهي پر حڪومت واپار پاليسي ذريعي ڀارت کي فائدو پهچائي رهي آهي، ڀارت، افغانستان ۽ آمريڪا جو پاڪستان خلاف ٽرائيڪا ٺهيل آهي، پاڪستان حڪومت انهن جي دٻاءَ ۾ آهي،  مشاهد حسين چيو ته صدر خلاف چارج شيٽ حڪومت ۽ القاعده طرفان اچن پيون، القاعده ڄاڻي حڪومت ڄاڻي، خبر ناهي انهن جو ڪهڙو تعلق آهي، سينيٽر محمد علي دراني چيو ته پرويز مشرف چونڊيل صدر آهي، ان خلاف مواخذي جي رٿ سان ٽڪراءَ واري صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، جنهن سان دشمنن کي فائدو پهچي رهيو آهي، جنهن جي نتيجن جا حڪمران ذميوار هوندا.