|
وفاقي حڪومت طرفان 51 پوليس عملدارن سميت 86 آفيسرن کي ترقيون،بدليون اسلام آباد (رپورٽ: قربان بلوچ) وفاقي حڪومت 19 ايس ايس پيز کي ڊي آءِ جيز، 32 ايس پيز کي ايس ايس پيز، ڊي ايم جي جي 12 آفيسرن کي گريڊ 19 مان 20 ۽ 23 آفيسرن کي گريڊ 18 مان 19 ۾ ترقي ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري، مجموعي طور پوليس ۽ ڊي ايم جي جي 86 آفيسرن کي گريڊ 18 مان 19 ۽ گريڊ 19 مان 20 ۾ ترقي ڏني وئي، سنڌ جي سائين رکيو ميراڻي ۽ علي اڪبر ڀنگوار سنڌ مان بلوچستان بدلي، انهن سميت ترقي ماڻيندڙ ٻين ڪيترن آفيسرن جون پڻ بدليون ڪيون ويون آهن، وفاقي حڪومت 19 سينيئر ايس پيز کي 19 مان 20 ۾ ترقي ڏئي ڊي آءِ جي طور مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، ايس ايس پيز مان ڊي آءِ جي جي پوسٽ تي ترقي ماڻيندڙن ۾ محمد عمر داريو، آءِ بي ۾ هو ۽ اتي ئي رهندو، همايون جوگزئي، مظهر علي شيخ جنهن کي سنڌ مان بلوچستان بدلي ڪيو ويو، شارق حسيب خان بلوچستان ۾ رهندو، رانا الطاف مجيد پيمرا مان آءِ بي بدلي ڪيو ويو، امير حمزه محسود سرحد ۾ رهندو، شاهد اقبال کي اينٽي نارڪوٽيڪس ۾ مقرر ڪيو ويو، مسعود خان آفريدي سرحد ۾ رهندو، ڪيپٽن رٽائرڊ محمود زبير پنجاب ۾ رهندو، احمد رضا طاهر کي بلوچستان مان پنجاب بدلي ڪيو ويو، شوڪت حيات کي ايف آءِ اي مان بلوچستان بدلي ڪيو ويو، افضل ملڪ کي نيشنل پليس اڪيڊمي مقرر ڪيو ويو، نادر خان کوسو بلوچستان ۾ رهندو، حامد مختار گوندل پنجاب ۾ ساڳئي جاءِ تي رهندو، لياقت علي خان ايف آءِ اي ۾ رهندو، سائين رکيو ميراڻي ۽ علي اڪبر ڀنگوار جيڪي سنڌ ۾ ڪم ڪري رهيا هئا انهن کي بلوچستان بدلي ڪيو ويو، عارف نواز خان پنجاب مان بلوچستان بدلي، امجد جاويد سليمي پنجاب ۾ رهندو، جڏهن ته 32 ايس پيز کي گريڊ 18 مان 19 ۾ ترقي ڏئي ايس ايس پيز مقرر ڪيو ويو آهي، ايس ايس پيز جي پوسٽ تي ترقي ماڻيندڙن ۾ ڊاڪٽر عثمان انور، فصيل الحدين سرحد ۾ رهندو، انتشار خان پنجاب، خالد خٽڪ ايف آءِ اي، شارق جمال بلوچستان، رياض نذير پنجاب، ضمير اقبال شيخ پنجاب، اسامه ممتاز راجا موٽروي پوليس مان پنجاب، وصال فخر سلطان پنجاب، مقصوالحسن پنجاب، محمد ياسين سرحد مان پنجاب بدلي، ظفر الله خان سرحد، مظفر علي شيخ سنڌ مان سرحد بدلي، محمد عمر ۽ فياض بيگ آءِ بي ۾ رهندا، فيروز شاهد سرحد، غلام رسول ڊومڪي، سنڌ مان بلوچستان بدلي، ساجد علي سرحد مان بلوچستان بدلي، ادريس عبدالله خان، خورشيد خان سرحد مان پنجاب بدلي، گل سعيد خان سرحد مان بلوچستان بدلي، ظفر علي سرحد مان پنجاب بدلي، محمد علي خان موٽروي پوليس مان پنجاب بدلي، ڪاشف عالم سرحد مان بلوچستان بدلي، اشرف زبير صديقي ايف آءِ اي مان پنجاب بدلي، احمد مبين زيدي ۽ طارق عباس قريشي پنجاب، خادم حسين رند سنڌ، بلال صديق پنجاب مان سرحد بدلي، عبدالڪريم، احمد اسحاق جهانگير پنجاب ۾ رهندا، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان ڊي ايم جي گروپ جي 23 آفيسرن کي گريڊ 18 مان 19 ۾ ترقي ڏئي انهن مان ڪافي آفيسرن جون بدليون مقرريون ڪيون ويون آهن، ترقي ۽ تبديل ٿيندڙ آفيسرن ۾ ظفر اقبال، احمد جاويد قاضي پنجاب، محمد خرم خان ۽ علي حسين ملڪ پنجاب مان بلوچستان بدلي، ذوالفقار علي شاهه پنجاب مان سرحد بدلي، عمران سڪندر، محمد عامر خان، هارون رفيق پنجاب، ڊاڪٽر سيد اظهر حسين سنڌ، ڪامران خان سرحد، رفيق احمد ۽ ڊاڪٽر نعيم رئوف بلوچستان، عبدالحفيظ عمراڻي اسٽيبلشمينٽ مان سنڌ بدلي، عبدالمنصور بلوچستان، نظر محمد بوزدار سنڌ، سرفراز دراني، ڪيپٽن رٽائرڊ محمد عثمان ناردرن ايريا، شهاب علي شاهه، ظاهر شاهه ۽ ڊاڪٽر امير علي خان سرحد، عبدالوهاب سومرو ۽ ڊاڪٽر ڪاظم حسين سنڌ، نورالعمين بلوچ بلوچستان ۾ رهندو، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان ڊي ايم جي جي 12 آفيسرن کي گريڊ 19 مان 20 ۾ ترقي ڏئي انهن مان ڪيترن جي بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، انهن آفيسرن ۾ طارق جميل، طارق اياز سرحد، نويد ڪامران بلوچ سنڌ، سردار محمد عباس ناردرن ايرياز مان سرحد بدلي، مشتاق احمد شيخ سنڌ، نسيم نواز پنجاب، اعجاز احمد بلوچستان بدلي، عمر رسول پنجاب، محمد اعظم سرحد، قاضي شاهد پرويز سنڌ مان بلوچستان بدلي، ڊاڪٽر پرويز احمد خان پنجاب ۽ ناهيد ايس دراني جيڪا سنڌ ۾ هئي اتي رهندي.
|