اسٽيٽ بئنڪ پاران خميس کان نئين ڌات، رنگ ۽ وزن وارا سڪا جاري ٿيندا:نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، بئنڪنگ سروس ڪارپوريشن ۽ ان سان لاڳاپيل آفيسن طرفان 20 نومبر خميس کان هڪ ۽ 2 رپين جي ماليت جا نئين ڌات، رنگ ۽ وزن وارا سڪا جاري ڪيا ويندا. فنانس ڊويزن طرفان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته تبديل ٿيل ڌات جو نمونو سيپٽمبر 1998ع ۾ متعارف ڪرايل سڪن جي ڊزائين وانگر هوندو. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ ۽ ٻن رپين وارا موجوده سڪا پڻ گردش ۾ هوندا. هڪ رپئي جو سڪو الميونيم ۽ اڇي رنگ جو وزن 1.75 گرام، جڏهن ته ٻن رپين واري سڪي جو وزن 2.6 گرام ۽ رنگ پڻ اڇو هوندو. سڪن جي نئين جوڙجڪ جي منظوري جنوري 2007ع تي وفاقي ڪابينا جي گڏجاڻيءَ ۾ ڏني وئي هئي.