او جي ڊي سي ايل يونين تحريڪ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پاران قادرپور گئس فيلڊ جي نجڪاري نه ڪرڻ واري اعلان بعد  او جي ڊي سي ايل پورهيت يونين تحريڪ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته قادرپور گئس فيلڊ جو نالو نجڪاري لسٽ مان خارج ڪري اسيمبليءَ مان اهڙو بل منظور ڪرايو وڃي، جنهن سان قدرتي وسيلن جي نجڪاري مٿان پابندي هجي، ڪالهه اسلام آباد ۾ او جي ڊي سي ايل يونين جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ ايمپلائيز يونين جي مرڪزي صدر چوڌري اڪرم چيو ته پ پ حڪومت جي دور ۾ قادرپور گئس فيلڊ جي وڪري جو منصوبو رٿيو ويو ته پارٽي جي فيصلي خلاف سنڌ مان تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو، حڪومت نجڪاري عمل روڪيو آهي، اسان ان ڪري تحريڪ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيون ٿا، پر حڪومت کي ٻڌايون ٿا ته نجڪاري ڪميشن جي ڪنهن به عملدار يا حڪومت شرارت ڪئي ته پوءِ تحريڪ هلندي يا هو هوندا يا اسان هونداسين،