ڪاوش: هڪ اداري ۾ تبديل ٿيل اخبار

دليپ رتناڻي

 

ترقي يافته تهذيب ۽ پوئتي پيل تهذيب ۾ فرق صرف جمهوريت ۽ اظهار جي آزادي جي طاقت ئي ٿي سگهي ٿو. وقت ثابت ڪيو آهي ته اظهار جي آزادي جي طاقت انقلاب جي گولي کان وڌيڪ اثر رکي ٿي، جيستائين غريب کي فيصلن ۾ شامل نه ڪيو ويندو، تيستائين ڪو به معاشرو فلاحي معاشرو ڪو نه ٿو سڏرائي سگهي، جيستائين محنت ڪش، مزدور ۽ هاري جي آواز کي احترام نٿو ملي، تيستائين ڪو به نظام ڪامياب نٿو ٿي سگهي. تعليم ۽ دولت به فيوڊل معاشري ۾ صدين کان محروم طبقن کي آواز ۽ اها عزت نه ڏيئي سگهي، جيتري عزت ۽ احترام اظهار جي آزادي سان ممڪن آهي ۽ اهو اظهار جي آزادي جو پليٽ فارم ”ڪاوش“ گذريل ارڙهن سالن کان سنڌ جي غريب ۽ مسڪين عوام کي ڏيڻ جو سفر ڪندي اڄ هڪ اهڙي مقام تي پهتي آهي، جتي سنڌ جو ماڻهو ”ڪاوش“ کي پنهنجو حقيقي ترجمان سمجهي ٿو.

اڄ جي دنيا ۾ اهي ئي معاشرا ترقي يافته چورائڻ جا حقدار آهن، جتي اظهار جي آزادي جي ذريعن تي پابندي نه آهي ۽ حڪمراني کي چند خاندانن تائين محدود نه ڪيو ويو آهي. اهڙي عمل سان بهترين دماغ چونڊڻ ۾ مدد ملي آهي، انهيءَ سان اهڙين قومن تاريخ ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪيو آهي، جيڪي عام طور تي انهيءَ قابل ئي نه هيون. روزانه ”ڪاوش“ پنهنجي ڪاميابين جو سفر طئي ڪندي اڄ هڪ اهڙي مقام تي پهتي آهي، جتي سنڌ جو هر ماڻهو ”ڪاوش“ ۾ ڇپجندڙ خبر تي يقين ڪري ٿو ۽ گڏوگڏ ”ڪاوش“ سنڌ جي مسڪين، غريب ۽ بي وس ماڻهن جو سهارو بڻجي بي خوف آواز اٿاريندي رهي آهي. ڪڏهن پوليس جي ڏاڍاين ته ڪڏهن سرڪار جي ناانصافين خلاف هر وقت سنڌ جي مسئلن جي واضح ترجماني ڪندي رهي آهي. صحافت هڪ اهڙو پيشو آهي، جنهن لاءِ خاص ڪري سنڌ ۽ پاڪستان جي صحافت ته نانگ جي ٻر ۾ هٿ وجهڻ جي برابر آهي. اسان جي سنڌ جي روايتي صحافت جنهن ۾ سنڌ جي حقيقي مسئلن کي کڻڻ ڄڻ ته عيب هو، ڪاوش انهيءَ جي بلڪل ابتڙ انداز اختيار ڪيو، ان جي پهرين ترجيح ئي سنڌ جي اشوز کي رهي آهي. پاڻيءَ جو مسئلو هجي يا ناڻي جو مسئلو، ٻوليءَ جو مسئلو هجي يا آئين جي بحالي جو مسئلو، يا انساني حقن جي پائماليءَ جو اشو هجي، ڪاوش سنڌ جو ڪيس باقائده بنا ڪنهن خوف ۽ لالچ جي وڙهندي رهي آهي. ڪاوش ايئن ئي سنڌ سان مخلص رهي آهي، جيئن مدر ٽريسا پنهنجي ذميوارين ۽ مستحق ماڻهن سان سان مخلص هئي.

اڄ جي حالتن ۾ ڪنهن به ڊمي اخبار لاءِ ڪجهه اشتهارن جي عيوض غريبن جي مفادن جو سودو ڪري سگهڻ سولو آهي، پر ڪاوش پنهنجو صحافتي سفر بغير ڪنهن مفاد، لالچ ۽ دٻاءُ جي ارڙهن سالن کان جاري رکندي پئي اچي. اڄ انهيءَ ارڙهن سالن جي صحافتي سفر جو ڪريڊٽ ڪاوش جي محنتي صحافين، ورڪرن ۽ هاڪرن ڏانهن وڃي ٿو. ارڙهن سالن جي صحافتي سفر جي تجربي کان پوءِ ڪاوش هاڻي هڪ اخبار نه بلڪه ڪاوش هڪ ادارو بڻجي چڪي آهي. منهنجي ناقص راءِ مطابق ڪاوش پبليڪيشن کي جنرلزم ۽ پرنٽ ميڊيا جي فيلڊ ۾ شارٽ ڪورسن سان گڏوگڏ گريجوئيشن جي ڊگري لاءِ هڪ ادارو ٺاهڻ گهرجي، جيڪو انٽرنيشنل صحافتي معيار مطابق چار سالن جي بيچلرز ڊگري لاءِ جنرلزم جو ڪورس ڪرائي. انهيءَ اداري جو نالو ”ڪاوش انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ آف جنرلزم“ هجڻ گهرجي، جنهن جي برانچ آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ به هجڻ گهرجي ته جيئن دنيا جي ٻاهرين ملڪن جا نوجوان ڪاوش جي نيٽ ورڪ جو تجربو حاصل ڪري عالمي سطح تي صحافتي ڪردار نڀائي سگهن. ڇاڪاڻ ته وقت ثابت ڪيو آهي ته ڪاوش اڄ هڪ اڪيڊمي جو درجو اختيار ڪري چڪي آهي ۽ انهيءَ اڪيڊمي مان ڪيترائي نوجوان صحافتي تجربو حاصل ڪري بي بي سي لنڊن لاءِ هڪ پروفيشنل صحافي طور ڪم ڪري رهيا آهن. گڏوگڏ ڪاوش کي انگريزي فيلڊ ۾ به ڪجهه Initiative وٺڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته عالمي معيار تي اچڻ لاءِ انگريزي زبان ۾ اخبار جو هجڻ تمام ضروري آهي. ”ڪاوش“ جو ادارو صحافت اندر پيدا ٿيندڙ ڪرپشن ۽ ڀتا خوري واري ڪلچر کي ڪنهن حد تائين روڪڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. انهيءَ جو مثال اهو آهي، جو مون هڪ دفعي ڪاوش جي منظور ميراڻي کي هڪ نمائندي جي بليڪ ميلنگ بابت روبرو شڪايت ڪئي ته يڪدم ٻئي ڏينهن ڪاوش انهيءَ نمائندي کي نوٽيس ڏئي وضاحت طلب ڪئي. اڄ ڪاوش جي سالگرهه جي موقعي تي اسان کي انهن صحافي دوستن کي به نه وسارڻ گهرجي، جن پنهنجن صحافتي فرضن کي نڀائيندي پنهنجي جانين جو نذرانو ڏنو. خاص ڪري منير سانگي، جنهن پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي ڪاوش جي ڪوريج لاءِ فلم ٺاهندي جان ڏني. هونئن ته اسان ٻاهر رهندڙ سنڌي اڪثر ڪري ڪاوش آن لائين پڙهي ذهني لطف حاصل ڪندا آهيون ۽ اها به ”ڪاوش“ ئي آهي، جنهن جي آن لائين ايڊيشن جي ذريعي اسان سنڌ سان ڳنڍيل آهيون، پر جيڪڏهن ڪي ٽي اين ٽي وي جي نشريات آمريڪا ۽ڪئناڊا وارن لاءِ آن لائين اچي وڃي ته اسان ڪاوش وارن جا ٿورا شايد زندگي ڀر نه لاهي سگهون. اڄ ڪاوش جي ارڙهين سالگرهه جي موقعي تي مان نارٿ آمريڪا جي رهندڙ سڀني سنڌين طرفان ڪاوش جي چاهيندڙن، پڙهندڙن ۽ ڪاوش جي ٽيم کي تمام گهڻيون واڌايون ڏيان ٿو ۽ انهن جاکوڙي صحافين کي جس ڏيان ٿو، جن ڏينهن رات هڪ ڪري ڪاوش جي ذريعي سنڌ جي مزاحمتي سفر کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.

d_kumar71@yahoo.com