|
آصف علي زرداري: ايوانِ صدر تائين! ذوالفقار قادري
نوابشاهه جي ڳوٺ فتوحل زرداري جو حاجي سجاول زرداري نه فقط زميندار هو، بلڪه زردارين جي اٺن پاڙن کيس پنهنجو چڱو مڙس چونڊيو هو. حاجي سجاول زرداري جي وفات بعد پڳ سندس پٽ حاجي محمد حسين زرداري کي ٻڌائي وئي، حاجي محمد حسين کي پنج پٽ ٿيا، جن مان ٽئين نمبر پٽ رئيس حاڪم علي زرداري شهرت ماڻي. 1929ع ۾ جنم وٺندڙ رئيس حاڪم علي زرداري اهو پهريون سنڌي سيڙپڪار هو، جنهن شوبز واري شعبي ۾ قدم رکندي صدر ڪراچيءَ ۾ ريگل واري علائقي ۾ جاڙين سينيمائن جي نالي سان مشهوري ماڻيندڙ بمبينو، اسڪالا ۽ سينيما هائوس نالي سينيمائون قائم ڪيون. چارلس ۽ صوفيه لارين کي اداڪار طور پسند ڪندڙ رئيس حاڪم علي نه فقط سينيمائون قائم ڪيون، پر تقسيمڪار، نمائشڪار، پيشڪار طور به انهيءَ شعبي ۾ پاڻ مڃرايو. آصف علي زرداري جو ننڍپڻ: آصف علي زرداري 26 جولاءِ 1955ع تي نوابشاهه ۾ رئيس حاڪم علي زرداري جي گهر پيدا ٿيو، پنهنجي پيءُ جو اڪيلو پٽاڻو اولاد آهي. کيس ابتدائي تعليم ڪراچي جي سينٽ پيٽرڪ گرامر اسڪول ۾ ڏيارڻ بعد ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ داخل ڪرايو ويو. سندس پيٽارين دوست چون ٿا ته ڪاليج واري دور ۾ اڪثر ڳچيءَ ۾ مفلر پائي هلندڙ آصف علي لاءِ کين تصور به نه هو ته هڪ ڏينهن هو پاڪستان جو صدر چونڊجي ويندو. پيٽارو مان ايف ايس سي پڙهيل آصف کي سندس پيءُ مستقبل ۾ هڪ ڪامياب بزنس مين طور ڏسڻ پئي چاهيو، انهيءَ لاءِ ئي کيس لنڊن جي سينٽر آف ايڪانامڪس اينڊ پوليٽيڪل اسٽڊيز واري اداري ۾ بزنس ايڊمنسٽريشن جي ڊگري لاءِ داخل ڪرايو، جتان هن ڊپلوما ڪيو. انهيءَ عرصي ۾ ملڪ اندر سندس پيءُ ڪاروبار کي وسعت ڏيندي فلم لائين مان تعميراتي شعبي ۽ سياست واري ميدان ۾ به قدم رکي چڪو هو. ذوالفقار علي ڀٽي کي نوابشاهه جي جتوئين ۽ سيدن واري روايتي سياست ۾ هڪ نئين انٽري جي تلاش هئي، سو ستر وارين چونڊن ۾ آصف علي زرداري جو والد رئيس حاڪم علي زرداري پ پ ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو. رئيس حاڪم علي زرداري کي جتي نه فقط لالي ووڊ، بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ جي بهترين فلمن جي نمائش جو اعزاز حاصل رهيو، پر کيس سٺن گهوڙن پالڻ جو شوق به رهيو. اڄ به سنڌ ۾ سمن سرڪار جي ميلي کان وٺي لطيف سائين ۽ لال شهباز جي ميلن تي نوابشاهه جي سلام، رضا محمد ۽ آفتاب پوڙهي خان جا گهوڙا پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”گهوڙا ۽ پٽ ڏنگلا ڀلا“ سو رئيس حاڪم علي زرداري جي ان ڏنگي گهوڙي کي ته سندس سڪيلڌو پٽ آصف اڄ ڏينهن تائين وساري نه سگهيو هوندو، جنهن تي سواري ڪرڻ جي شوق ۾ آصف پنهنجي هڪ ٽنگ ڀڃائي ويٺو هو. آصف علي زرداري ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي شادي: محترمه بينظير ڀٽو هڪ ڏينهن لنڊن جي ونڊسر پارڪ ۾ پنهنجي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه کي گهمائي رهي هئي ته کيس ٻانهن تي هڪ زهريلي ماکيءَ جي مک ڏنگ هنيو. ان ڏنگ جي اثر بينظير صاحبه کي شديد بخار ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، انهن ڏينهن ۾ آصف علي زرداري به پنهنجي فيملي سميت لنڊن ۾ ترسيل هو. سو سڄي زرداري فيملي بيمار بينظير جي پرگهور ۾ لڳي وئي. اها ماکيءَ جي مک زرداري فيملي لاءِ ڀاڳن واري ثابت ٿي، ۽ پوءِ آصف علي زرداريءَ سان بينظير صاحبه شادي تي راضپو ڏيکاريو. آگسٽ 1990ع ۾ ويهن مهينن جي ٿوري ئي عرصي بعد پ پ سرڪار کي برطرف ڪيو ويو. اسٽيبلشمينٽ بينظير صاحبه کي پريشان ڪرڻ لاءِ سندس ور آصف علي زرداري کي سخت تڪليفون ڏيندي رهي. صدر اسحاق جڏهن بينظير سرڪار برطرف ڪئي ته آصف علي زرداري کي گرفتار ڪري سندس مٿان اختيارن جي ناجائز استعمال جا ڪئين ڪيس داخل ڪيا. پر وري 93ع ۾ صدر اسحاق ۽ وزير اعظم نواز شريف جي اختلافن بعد ساڳئي صدر اسحاق خان آصف علي زرداري کي جيل مان گهرائي وفاقي وزير جو حلف کڻايو. وري 1996ع ۾ ٻيهر بينظير ڀٽو سرڪار جي برطرفي بعد آصف علي زرداري کي گورنر هائوس پنجاب مان گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو. هو 1996ع کان 2006ع تائين ڪئين ڪيسن ۾ جيلن هيٺ رهيو. ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود نيب ۽ احتساب بيورو مٿس ڪيس ثابت نه ڪري سگهيا، آخر بينظير ڀٽو صاحبه جي حڪمت عملي تحت آصف علي زرداري جيلن مان آزاد ٿي علاج واسطي آمريڪا ۽ دبئي هليو ويو. 27 هين ڊسمبر 2007ع تي جڏهن بينظير صاحبه راولپنڊي لياقت باغ ۾ شهيد ڪئي وئي ته هن پارٽي جي قيادت سنڀالي. ان ڏينهن کان وٺي آصف علي زرداري پنهنجا سياسي پتا وڏي هوشياري سان کيڏندو آيو آهي. هن جي قيادت ۾ نه فقط پ پ مرڪزي سرڪار بڻائڻ ۾ ڪامياب وئي، پر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ صوبائي حڪومتون به جوڙي چڪي آهي. آصف علي زرداري جهڙي طرح حڪمت عملي سان صدر مشرف کي استعيفيٰ تي مجبور ڪيو، ان تي سندس مخالف به کيس داد ڏين ٿا. هينئر به پاڪستان جي اڪثر سياسي ڌرين متحده، اي اين پي، فضل الرحمان ۽ فاٽا جي حمايت سان چونڊيل صدر بڻجي چڪو آهي. هاڻي اهو ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو ته ماضي ۾ سندس روايتي حريف رهندڙ قوت اسٽيبلشمينٽ جو آصف علي زرداري سان بحيثيت صدر مملڪت ڪهڙو رويو ٿو رهي. گڏوگڏ خود آصف علي زرداري جو حقيقي سياسي امتحان پڻ هاڻ شروع ٿيو آهي ته دهشتگردي، بک، بيروزگاري، مهانگائي، صوبن جي درميان نااتفاقي جي طوفانن ۾ گهيريل پاڪستان کي هو ڪهڙي طرح امن، سک ۽ خوشحالي واري پاڪستان ۾ تبديل ڪندو. اهو ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو. zulfiqarqadri@hotmail.com |