~

ڪنهن خوشخبريءَ ٻڌڻ کان محروم  عوام ۽ نوان ڊپ

ارباب نيڪ محمد

                چاليهه ڏينهن ٿي ويا آهن موجوده مخلوط سرڪار جي چابڪدستيءَ کي. جنهن رفتار سان سرڪار جو ڪاروهنوار هلايو پيو وڃي، انهيءَ رفتار سان جمهوريت جو سج اڀارڻ وارو سفر گهٽ ئي لاڀائتو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. هن اقليم ۾ چاليهه سال ٻيا به پنڌ ڪندا هلنداسين، تڏهن به شايد پيٽرسن- پرويز پاور شيئرنگ فارمولا ۽ سندن پارٽنر شپ کي لهر  لوڏي ۾ آڻڻ ممڪن بڻائي ڪو نه سگهنداسين. ڀلا  ان اعتراف ۾ هرج ئي ڪهڙو آهي، جو چئي ڇڏجي ته هي ”معاملو“ ڳرو آهي، اسان اڪتفا ڪنداسين تپيدارن جي تبادلي ۽ ڪوٽارن جي تقرريءَ تي. دبئي چلو ۽ لنڊن پلان بحال ته جج به ڪرائي ڪو نه سگهيا، جنهن لاٿا هئا،  اهو فقط هڪ سٽ وارو فرمان جاري نٿو ڪري ته ”مون اڳوڻو آرڊر واپس ورتو.“

                قدرت الله شهاب پنهنجي ”شهاب نامي“ ۾ لکي ٿو ته هڪ ڀيري اسان ڪي اهم فيڊرل سيڪريٽري فيلڊ مارشل ايوب خان وٽ طلبيل هجون. ڳالهين هلندي، پرڏيهي پاليسي به بحث هيٺ آئي. آءِ سي ايس پاس جهانديده ڪامورن گوهر ايوب جي والد صاحب کي پنڊت جواهر لال نهروءَ جي غير جانبداريءَ تي ٻڌل خارجه پاليسيءَ جي تقليد ڪرڻ جي تلقين ڪئي. فيلڊ مارشل جواب ۾ ڳالهه ڏاڍي وزنائتي ارشاد فرمائي. چئي، گدا گرن جي به ڪا پرڏيهي پاليسي هوندي آهي ڇا؟ پاڻ ته بابا! ڪاسهه ۽ گدائي کنيو وتون ٿا ڏيساورن ۾ ، پاڻ کي اڻ ڌري پرڏيهي پاليسيءَ بابت سوچڻ به نه گهرجي.

                تازو فيلڊ مارشل ايوب خان جي دور ۾ چوڌري افتخار جيان مشهوري ماڻيندڙ جسٽس ايم آر ڪيانيءَ جو قبيلي ڀائي دهليءَ جي دلير مڙس سان گڏ سينائي سنگت سان سندس ولوله انگيز خطاب واري تقريب ۾ اٻاڻڪو پئي نظر آيو. جڏهن ته موصوف کي خوبصورت سپاهه سالار جو اعزاز به عطا ٿيل آهي. ٿيو ڇا، جو ڪيانيءَ جي ڪڙم قبيلي واري ڪي وکون جمهوريت جي حوالي سان رائيٽ پاسي کڻڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. اچانڪ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جو بيان اچي ويو؛ ”پاڪستان جي دفاعي امداد ۾ هيترا ڪي هيترا ڊالر ڪٽوتيءَ جي ذمري ۾ آڻيون ٿا.“ ترت ”قومي اثاثي“ کي قومي تر بڻائي پيش ڪرڻ جا اهتمام ٿي ويا ۽ (پنهنجي چوڻ موجب) کل لاهڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو موصوف ڪنهن دفاعي درٻار کي خطاب ڪرڻ جو ڪريڊٽ حاصل ڪري رهيو هو. رچرڊ بائوچر بابت رائيونڊ جو رئيس به غلط بيانيءَ کان ڪم وٺي رهيو آهي. بنگلاديش مان ڍاڪا جي جنهن درٻار کي خطاب ڪري موصوف لنڊن پلان جا پلاڻ پاکڙا درست ڪرڻ ۽ تنگ مهارون تاڻڻ لاءِ تشريف فرما ٿيو هو، ان خصوصي آمد کي اتفاقي ملاقات قرار ڏيڻ دروغ گوئي ئي آهي. ڍاڪا ۽ پنڊي اڄ به فيلڊ مارشل آڪن لڪ جي روح سان رهاڻيون ڪري رهيا آهن، پنڊي ۽ ڍاڪا اڄ سٺ سالن کان پوءِ به ديسي پاليسيون جوڙڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيا آهن. مهينو ٻه ٿيندا، بائوچر ”بازيچهءِ اطفال“ بڻيل پاڻ واري پاليٽڪس کي پٽيون پڙهائي ويو هو. تازو هن حسينه واجد ۽ خالده ضياءَ کي وڌيڪ سوگهو ڪرڻ لاءِ فخر الدين احمد پارن بنگالين کي امرت ڌارا نوش ڪرائي آهي. لنڊن ۾ موصوف ٻيهر پاڪستاني آصف ۽ نواز کي گوش گذار ڪرائي ويو آهي اها ”گامون سچار“ واري گفتگو، جنهن ۾ چٽو چيو ويو آهي ته ”قومي اثاثي سان هٿ چراند ٿي ته پوءِ مسافر پنهنجي سامان جا پاڻ ذميوار هوندا.“ بائوچري برهه سان ڀرپور باتين دوران اها راءِ به سامهون آئي ته نواز شريف جيئن سعودي عرب جي بادشاهه جي توسط سان ملڪي سياست ۾ مراجعت فرمائي هئي، جيڪڏهن نٿو مڃي ته پوءِ کڻي ٿا هلون ڀلي ولات ڏانهن، اتي گارنٽيئر کي سامهون ويهاري، ملڪي سياست ۾ محدود ڪردار جي حقيقت کي تجديد نو جي دائري ۾ آڻينداسين.

                ابا جي مشتعل مزاج موڀي پٽ ڪي مهينا مهلت ورتي آهي، پر جن جن اين آر اوز تحت پ پ ۽ نون ليگ کي لميان رُوٽان تي سياسي اسڪائي ليب ڊوڙائڻ جي محدود رخصت مليل آهي، ڀلا اها ”محدوديت“ ملڪ جي مانائتي مخلوق اڳيان مشتهر ڪرڻ ۾ اوهان کي ڪهڙي ڳالهه مانع آهي؟ اوهان ڇا ٿا سمجهو؟ ڇا مخلوق کي اهي مقيد ۽ اندرون خانه واريون ڳجهارتون ڀڃڻ نٿيون اچن، يا اوهان حد کان وڌيڪ سادا آهيو، جيڪي عوامي نفسيات ۽ سندن سوچ ۾ ٿيندڙ ارتقا کان آگاهه ناهيو؟ مري واري ڀوربن پڌرنامي ۾ مهيني اندر ججن جي بحاليءَ بدران جيڪڏهن اوهان هڪ سئو ڏينهن واري سمورن بنيادي مسئلن جي حل واري ٿيوريءَ تي اڪتفا ڪريو ها ته به رهجي اچي ها. ان وچ ۾ ٻنهي پاسي جا قلمي پهلوان پنهنجين پنهنجين پارٽين جا ڪلها آجا ڪرائڻ ۾ مصروف رهيا. اين آر او کان ويندي شاهه عبدالله جي ثالثيءَ وارا ٻنهي جماعتن لاءِ رعايتي پيڪيج به عوام آڏو اوپن رهيا آهن. ”مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾، اڀا ائين چون ته مڇڻ پاند پسائيين“ واري مجبوريءَ کي به عوام سمجهي چڪو آهي، پر قول ۽ قرار جي بي وقعتي سان اوهان ته الزامن هيٺ آيا. عوام کي اهو به احساس آهي ته اقليم جي هر شعبي ۾ اقوام متحده، ڪنسورشيم، ورلڊ بينڪ، آءِ ايم ايف ۽ ڊبليو ٽي او جهڙا ادارا دلچسپي رکن ٿا ۽ عالمگيريت جو عفريت به اقليم جي آگي پيڇي اسپيڊ بريڪر اڏي چڪو آهي. ارڙهين فيبروريءَ جي انقلاب کي لينن جي 1917ع واري انقلاب سان به ڀيٽي نٿا سگهون، پر هڪڙي ڳالهه پڪ سان انهيءَ تبديليءَ ۾ قدر مشترڪ طور موجود نظر پئي اچي، جڏهن زار، روس نڪولس ٻيو لينن واري انقلاب جي نتيجي ۾ شاهي محل خالي ڪري رهيو هو، تڏهن کيس پنهنجيءَ بادشاهت جي تهه و بالا ٿيڻ تي به ڏاڍو رنج هو، پر وڏي ڪاوڙ کيس ان ڳالهه تي آئي هئي، جنهن ڳالهه جي نتيجي ۾ گپ ۽ چڪ سان مالا مال جوتا پاتل پورهيت سندس قالينن تي قدم رنج فرمائي رهيا هئا! هن اقليم جو زار به تڏهن ته ”هائوس“ خالي ڪرڻ لاءِ آماده نٿو ٿئي.

                ٻروچن، پٺاڻن ڪراچيءَ وارن (12 مئي 2007) ۽ لال مسجد جو گنهگار اڃا موجود آهي، ان ڪري ماڻهن جي ڪاوڙ گهٽجڻ سولي نه آهي. اختر مينگل کان وٺي مولوي فضل الرحمان تائين کڻي ڪيترا به رليف فراهم ڪريو، پر مقتولن جا وارث ظالمن جي موجود هوندي آخر مطمئن ٿيندا به ڪيئن؟ توهان کي جڏهن پنهنجي طاقت ساري پئي هئي ته پوءِ توهان ايڏيون دعوائون ڇو ڪيون؟.

بڙا نه ڪري بڙائي

بڙا نه بولي بول

هيرا مکهه سي يون نه ڪهي

ڪي لاکهه همارا مول!

اوهان جي لاکيڻي لوڏ ۽ بڙ بولي باتين عوام الناس جي وجود ۾ خواهشن ۽ تمنائن جا قطب مينار کڙا ڪيا. عوام کي ته لڳو پئي ته ”هڪ چوٽ اڃا باقي، هي ڪوٽ ڪرڻ تي آ...“ پر هتي ته معاملو ئي ٻيو ٿو ڏسجي! خلق خدا ته اوهان جي مجبورين کي آڏو رکندي کڻي، اوهان تان الزامن جا انبار لاهي به ڇڏي، پر ماڻهن جو ٻين واعدن تي اعتماد ۽ ايمان ڪيئن برقرار رهندو؟

                مري معاهدي جي مس سڪائڻ لاءِ اوهان خيرن سان ”دبئي چلو“ جو هوڪو ڏنو، اتي به وهي ڍاڪ ڪي تين پات... ڪئين سال اڳ ٽي وي تي ”دبئي چلو“ جي نالي سان هڪڙو ڊرامو هليو هو، جنهن ۾ هڪڙو مفلوڪ الحال نوجوان پنهنجي جملي پاڪيٽ مني ۽ هڙ ۾ موجود رقم ڪنهن ٽريول ايجنٽ حوالي ڪري ٿو، جيڪو کيس ”الهدا“ لانچ جي ناکئي حوالي ڪري ٿو. ٻيڙي راتين جون راتيون سفر ڪري، نيٺ هڪڙي ساحل تي سياهه رات ۾ لنگرانداز ٿئي ٿي. همراهه ٿڙندا ٿاٻڙندا ساحل عبور ڪري جڏهن اسر محل ڪنهن هوٽل تي پهچن ٿا ته سندن اڳيان ”ڪياماڙيءَ“ جو ساحل هجي ٿو! ماڻهن کي اميد هئي ته اتحادي ۽ الائنسي سياست ڪندڙ ٻارهين مئي تي ججن جي بحاليءَ جي نويد سڻائيندا، پر ايئن نه ٿيو ۽ دبئي چلو نعرو ئي رهجي ويو. ٻارنهن مئي تي ئي ڪراچيءَ کي جديد ڪربلا ۾ تبديل ڪيو ويو هو، پر ڪراچيءَ جي مالڪيءَ جي دعويدارن ۽ چيف جسٽس کي سنڌ نه اچڻ ڏيندڙن کي سنڌ سرڪار ۾ شامل ڪيو ويو.

                سنڌين صديون اڳ ”پيئي پٺاڻن سين، ٻولي جي نه ٻجهن“، وارا استعارا ڪم آندا هئا، هاڻ ڪي ڊاڪٽر بلوچ وارا بزرگ نيون تشبيهون ايجاد ڪري به ڏيندا الائي نه، جو دهليءَ ڄائي ”دلگير“ کي داد ڏيڻ کان سواءِ آخر رهجي به ڪيئن؟ نواز شريف سندس نظرن ۾ هاءِ جيڪ آهي، مٿس هائيجيڪنگ جو ڪيس درج ڪرايو ويو هو. ”پ پ وارا فاشسٽ آهن،“ همايون گوهر جي مرتب ڪيل جڳ مشهور آتم ڪٿا ۾ موصوف اهڙن لفظن سان مخاطب ٿيو آهي. وڏي ڳالهه ته پرائيم منسٽر کي موصوف پنجن سالن تائين پس ديوار زندان حوالي ڪيو هو. سنڌ جو اڳوڻو چيف سيڪريٽري سيد سليم عباس جيلاني، مخدوم يوسف رضا گيلانيءَ جو ”مامي سهرو“ آهي، موصوف وفاقي سيڪريٽري دفاع به رهيو ته تازو جيڪا عجوبهءِ روزگار نگران حڪومت ۾ کيس ڊفينس منسٽري به مليل هئي. موصوف لنواري شريف جي پيراڻي گاديءَ سان رشتيداريءَ ۾ به منسلڪ آهي. يوسف رضا کي جيل ۾ هنڌ بسترو ۽ ماني ٽڪر موزون طريقي سان نٿي مهيا ڪري ڏنو ويو. خالد مقبول تڏهن نيب جو سربراهه هو. مامو پنهنجي ڀاڻيجي کي ساڻ ڪري، جنرل خالد مقبول سان ملاقات لاءِ جڏهن سندس دفتر پهتو ته آيل وفد جو اخلاقي حوالي سان ٿيندڙ آڌرڀاءُ به اتي مفقود نظر آيو. اڄڪلهه پنجاب ۾ پروٽوڪول جي حوالي سان گورنر پنجاب جڏهن مخدوم يوسف رضا گيلانيءَ جي آڌر ڀاءُ لاءِ اڀو بيٺل نظر اچي ٿو ته ڇا اهڙي اٿڪ ويهڪ جرنيلي مزاج سان جوڙ کائي ٿي؟ اهي ۽ اهڙيون ناقابلِ برداشت جديد جمهوريت جون جولانيون جرنيلي سڙڪ جي پانڌيئڙن لاءِ بدمزگيءَ جو ڪارڻ بڻجي رهيون آهن. تڏهن ته وفاق ۾ ديري اسماعيل خان ۽ عزيز آباد کي پهرين ۽ شاهه جيوڻا علي پور چٺا ۽ قصور تاندليانوالا کي ٻيءَ قسط ۾ پ پ سان سلهاڙيو پيو وڃي. لاهور جو خالد مقبولي دولت خانو به دوست محمد کوسي جي سرڪار سان ”دو دو هاٿ“ ڪرڻ خاطر ايم پي ايز کي هن وڻ تان اڏائي، هن وڻ تي تشريف فرما ٿيڻ لاءِ آماده ڪرڻ ۾ مصروف آهي. پنجاب جو وڏو وزير تازو ڪشمور ۾ عبدالرحيم کوسي جي آجياڻي ۾ پنهنجي والد ۽ اڳوڻي گورنر آف پنجاب سردار ذوالفقار کوسي سان گڏ پهتو هو، پر سنڌ سرڪار جي ڪنهن به وزير انهيءَ تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي. ممڪن آهي ته ڀل ٿي هجي، پر عوام الناس ڏانهن پيغام ڪهڙو ويو؟ نون ليگ جي مرڪزي پرڳڻي جو وڏو وزير پ پ جي پيدائشي پرڳڻي ۾ پهريون ڀيرو تشريف فرما ٿيو هو، مخلوط سرڪار جون ٻئي پارٽيون هڪ ٻئي کي والهانه انداز سان کيڪاري نه سگهيون. خدا ڪري اهو اتحاد قائم رهي، ٻيءَ صورت ۾ ملڪ مايوسي جي طوفان ۾ گهيرجي ويندو.

arbabnek@yahoo.com