|
عورتن لاءِ قانونسازيءَ جي ضرورت ۽ شهيد راڻي سان ڪيل واعدا حميرا علواڻي اڄ 21 هين صدي ۾ داخل ٿيڻ باوجود انڊيا ۽ بنگلاديش جيڪي اسان سان گڏ آزاد ٿيا، اسان جي ڀيٽ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي ڀلائي ۽ بهبودي لاءِ انهن ملڪن تمام گهڻو ڪجهه ڪيو. عورتن جي حقن لاءِ عورتن خلاف امتيازي سلوڪ جي خاتمي واري ڪنوينشن تي صحيح ڪرڻ باوجود پاڪستان سميت اڪثر ترقي پزير ملڪن ۾ عورتن جي حالت تمام گهڻي تشويشناڪ آهي. هر سال جتي سڄي دنيا ۾ ستر لک کان وڌيڪ عورتون خريد و فروخت ٿين پيون، اتي رڳو پاڪستان ۾ هر سال پنجاهه سيڪڙو عورتون جسماني ۽ نوي سيڪڙو عورتون ذهني تشدد جو شڪار ٿين ٿيون. اڄ 21 هين صدي ۾ به عورتن جا بنيادي انساني حق ڄڻ نه رڳو خواب ئي آهن، جنهن لاءِ سڄي دنيا جون عورتون پاڻ پتوڙن پيون. هڪ رپورٽ موجب 2007ع جي جنوري کان وٺي آڪٽوبر تائين رڳو سنڌ ۾ 367 عورتون مختلف الزامن هيٺ قتل ڪيون ويون، 183 عورتون ڪاري ڪري ماري ويون، 40 عورتن کي اجتماعي لڄالٽ بعد قتل ڪيو ويو. مجموعي طور تي ملڪ ۾ 554 عورتن مٿان قاتلانه حملا ٿيا، 118 عورتن خودڪشي ڪري پنهنجو انت آندو. 8 عورتن مٿان تيزاب هاري کين شديد زخمي ڪيو ويو، 184 عورتون اغوا ڪيون ويون، جڏهن ته 161 عورتن گهران نڪري دارالامان ۾ پناهه ورتي. 129 عورتون جيل حوالي ڪيون، جن ۾ 99 زنا ڪيس ۾ ڪوڙين شاهدين سبب جيل موڪليون ويون. 84 عورتن کي جرڳن ۾ عيوضي ۽ چٽي ۾ ڏنو ويو. هيءَ صورتحال ٻڌائي ٿي ته ملڪي آبادي جو 52 سيڪڙو ڪهڙي نه بدتر حالتن جو شڪار آهي. اسان جي معاشري ۾ عورتن سان جانورن جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ کين زبردست تشدد جو نشانو بنايو وڃي ٿو. اهڙين عورتن مان 95 سيڪڙو عورتون پاڻ مٿان ٿيندڙ تشدد کي خاموشي سان برداشت ڪن ٿيون. بيگناهه تشدد، ظالمانه روين ۽ گهريلو حالتن سبب 95 سيڪڙو عورتون ذهني مرضن جو شڪار ٿين ٿيون، پر آواز ان ڪري نٿيون اٿارين، ڇاڪاڻ ته اسان جي معاشري ۾ ان سان گهر ٽٽڻ ۽ رشتن جي ٽٽڻ جو خدشو هوندو آهي. مڙس کان الڳ ٿيڻ کي چڱي نظر سان ناهي ڏٺو ويندو، ان کي معاشرو توڙي مائٽ به قبول ناهن ڪندا. مائٽن ۽ معاشري جي انهن روين، طعنن ۽ ذلتن سبب ڪيتريون عورتون احتجاج بدران خودڪشي ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿيون، پر پاڻ تي ٿيندڙ ظلم خلاف ڪورٽن ۾اچي دانهين نٿيون. گذريل حڪومت ۾ پڻ قومي اسيمبلي مان ”تحفظِ نسوان بل“ پاس ڪرايو ويو پر اهو قانون پڻ عملدرآمد نه ٿيڻ سبب عورتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ تشدد کي روڪي ڪو نه سگهيو. شائسته عالماڻي، ڊاڪٽر شازيه خالد، نسيمه لٻاڻو، ڪائنات سومرو ۽ روزينه اڄڻ سميت ڪنهن کي به ان قانون جي ڪري نه انصاف مليو ۽ نه هن معاشري کي تحفظِ نسوان! اهي معصوم سنڌي نياڻيون ڪراچي پريس ڪلب کان وٺي ميڊيا تائين رڳو انصاف لاءِ احتجاج ڪنديون رهيون. اسان جي معاشري ۾ سرداري نظام کي وڌيڪ مضبوطي قبيلائي ۽ جرڳائي نظام ڏني آهي. اڪثر سردارن جرڳن جي نالي تي نام نهاد انصاف جو هڪڙو اهڙو سرشتو قائم ڪري ورتو آهي، جتي انساني زندگي سميت هر ڏوهه جو ازالو رڳو نياڻين جي زندگي ۽ موت جا فيصلا ڪرڻ سان ئي ڪيو وڃي ٿو. گذريل سنڌ اسيمبلي جي 2004ع جي هڪ اجلاس ۾ اڳوڻي وزير منظور پنهور جو اهو بيان رڪارڊ تي موجود آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته، ”ڪاروڪاري جا ٿيندڙ 80 سيڪڙو ڪيس جائز هوندا آهن.“ جنهن تي مون اسيمبلي فلور تي سوال پڇيو هو ته، ڇا توهان اهو ٿا چوڻ چاهيو ته حڪومت ڪاروڪاري کي جائز قرار ڏئي؟ جنهن تي هن ”ها“ ۾ جواب ڏنو هو. گذريل پنج سالن ۾ ڪيترائي قانون جيڪي عورتن جي حقن جي حوالي سان هئا، مون سميت اپوزيشن طرفان سنڌ اسيمبلي ۾ جمع ڪرايا ويا، جنهن ۾ مون پاران Gender harassment at work place bill پڻ جمع ڪرايو ويو هو. ساڳيو بل هن اسيمبليءَ جيڪا 2008ع ۾ قائم ٿي آهي ۾ پڻ مون جمع ڪرايو آهي. گڏوگڏ عورتن ۽ ٻارن خلاف ٿيندڙ تشدد Domestic violence against women children 2008 bill پڻ جمع ڪرايو آهي، جنهن ۾ خاص طور ٻارن ۽ عورتن خلاف وڌندڙ تشدد بابت قانون سازي لاءِ تجويزون ڏنيون ويون آهن ته جيئن آبادي جي اڌ حصي کي گهر اندر تحفظ وارو ماحول ميسر ٿئي. ان بل ۾ قانوني چاره جوئي کان سواءِ ننڍا گهريلو مسئلا علائقي سطح تي تجويز ڪيل ”ٺاهه ڪميٽي“ ۾ پڻ حل ڪرائي سگهبا. ان قانون سان شايد گهريلو تشدد جو مڪمل طور تي خاتمو ته نه اچي سگهي، پر ڪافي حد تائين ان تي ڪنٽرول ٿي سگهندو. ان بل جو ذڪر ان ڪري ڪيو آهي ته جيئن عوام پڻ پنهنجي راءِ ڏئي سگهي. قانون سازي جي عمل ۾ عوام جي راءِ وٺڻ تمام گهڻو ضروري آهي. بطور پ پ جي اسيمبلي ميمبر مون انهيءَ قانون سميت ننڍي عمر ۾ نياڻين جي ٿيندڙ شادين تي پابندي، نياڻين جي تعليم لازمي قرار ڏيڻ، ڏاج تي پابندي، جرڳن ۾ چٽي عيوض نياڻين جا سڱ دشمنن کي ڏيڻ، ۽ ڪارو ڪاري جا ڪيس اسٽيٽ پاران داخل ڪرائڻ لاءِ قانونسازيءَ خاطر بل پڻ جمع ڪرائينديس. حڪومت سمورين فرسوده ۽ عورتن خلاف رسمن جو خاتمو ڪري سگهي ٿي، نياڻين جا سڱ ڏيڻ وارن جرڳن ۾ ويٺل ڀوتارن کي سزا ڏياري سگهي ٿي. گذريل 5 سالن ۾ اسيمبلي اندر ڪيترائي دفعا مون کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو. مختلف وقتن تي رڳو عورت هجڻ جي ڪري ايوان اندر مشڪلاتون اچڻ باوجود مان سنڌ جي نياڻين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ آواز اٿارينديس. گذريل سالن ۾ ڪيترا ڀيرا ڊاڪٽر شازيه خالد، شائسته عالماڻي، نسيمه لٻاڻو يا ڪائنات سومرو سان ملندي هزار ڀيرا مون کي اهو احساس ٿيندو هو ته انهن نياڻين کي انصاف، تحفظ، روزگار سان گڏوگڏ معاشري ۾ کين عزت ۽ حرمت به وٺرائي ڏيون. مون کي قانون سازي جي حوالي سان سنڌ جي عوام جي راءِ جي ضرورت آهي ته جيئن مان پنهنجي شهيد راڻي سان ڪيل واعده نڀائي سگهان ته هر عورت کي برابريءَ جا حق ڏيارڻا آهن. |