هڪ عالم ۽ درويش کان محروم ٿيل سنڌ!

اڪبر لغاري

سائين حيدر علي لغاري سان منهنجو تعلق اڄ کان پنجويهه سال اڳ ٽريننگ سينٽر ڪاليج حيدرآباد ۾ ٿيو. شام جي وقت ڪاليج جي لان تي سائين سان سندس همعصر ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ۽ ريڊيو ساڻ هوندو هو، جنهن تي بي بي سي ٻڌبي هئي. ان کان علاوه سائين جي اڳيان نوجوانن جو هڪ ٽولو هر وقت موجود هوندو هو. مون ان ٽولي کي 1983ع ۾ جوائن ڪيو. جيئن اٿينس ۾ سقراط جي چوڌاري پياسا ذهن پنهنجي اڃ ڊائيلاگ جي ذريعي اجهائيندا هئا، تيئن سنڌ جا ڪيترائي نوجوان سائين جي صحبت ۾ پنهنجي خشڪ ذهنن کي سيراب ڪندا هئا. ڪاليج جي لان تي شام جي پهر جيئن جيئن موتيي جي خوشبوءِ مهڪندي هئي، تيئن تيئن سائين جي وجدان ۾ اضافو ٿيندو ويندو هو. ڪڏهن افلاطون ۽ ارسطو جو تقابلي جائزو وٺبو هو ته ڪڏهن هيگل ۽ مارڪس جي جدليات تي گفتگو ٿيندي هئي. جماليات سائين جو پسنديده موضوع هوندو هو. گفتگو ڪانٽ کان شروع ٿيندي هئي ته ڪروشي ول ڊيورانٽ کان ٿيندي دنگ اچي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ڪندي هئي. شاهه لطيف سان عشق جي حد تائين کين محبت هئي. گهڻو ڪري بيت پڙهڻ وقت آبديده ٿي ويندا هئا. ان بيت جي تشريح ڪلاڪن تائين ڪندا رهندا هئا، تان جو اها نشست برخاست ٿي ويندي هئي. مون کي هڪ دفعي چيائون ته منهنجي شايد حسرت رهجي ويندي ته آئون شاهه جو پورو رسالو ختم ڪري سگهان، ڇو ته سائين هڪ وقت ۾ هڪ بيت کان وڌيڪ پڙهي نه سگهندا هئا ۽ مٿن وجداني ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. پوءِ سائين ڪيترائي ڏينهن ان جي سرور ۾ رهندا هئا. هو لطيف جي جماليات کان بيحد متاثر هئا ۽ اڪثر هي بيت پڙهندا هئا:

اچيو اچيو پون، واڪا ڪيو وڻن ۾،

ڪانگن ڪوڙا هون، پريان سندي پار جا.

چوندا هئا ته مون کي لطيف جي انهيءَ بيت پڙهڻ کانپوءِ ڪانگ به ڏاڍا حسين ٿا لڳن، لطيف جي هڪ خاص پهلو تي اڪثر اسان جو ڌيان ڇڪائيندا هئا ته لطيف معمولي شين کي وڏي معنيٰ عطا ڪئي آهي ۽ پوءِ هي بيت پڙهندا هئا:

ٻڏندي ٻوڙن کي، ڪي هاتڪ هٿ وجهن،

پسو لڄ لطيف چئي، ڪيڏي کي ڪکن،

توڙي ڪنڌي ڪن، نت ساڻ هلن ٿا سير ۾.

فلسفي تي سندن مهارت هئي. مشرق توڙي مغرب جي فڪر تي سندن گهري نظر هئي. اڪثر ڪري برٽرينڊ رسل جا حوالا ڏيندا هئا ۽ ان کان گهڻو متاثر پڻ هئا. سندن نفسيات جو مطالعو به وسيع هو، فرائيڊ ۽ ڪارل يونگ جي نظرياتي اختلاف بابت گفتگو ڪندا رهندا هئا. فرائيڊ جي نظريي Libido, Ego, Super Ego بابت گهري ڄاڻ رکندا هئا، پر سندن دلچسپي جو موضوع يونگ جو Self متعلق نظريو هو، جنهن کي سائين نٽشي جي فلسفي ۽ علامه اقبال جي خودي سان ڀيٽيندا هئا. غالب، اقبال، رومي ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام کين ازبر هوندو هو ۽ موقعي جي مناسبت سان ڪو نه ڪو شعر ضرور پڙهندا هئا. سائين بنيادي طور تي ماهرِ تعليم ۽ بهترين استاد هئا. تعليم بابت سندن نظريو اهو هو ته تعليم اها، جيڪا ذهنن کي منور ڪري. هو ڪلاس روم ۾ ڊسيپلين کان وڌيڪ اهميت شاگردن جي فڪري آزادي کي ڏيندا هئا ۽ چوندا هئا ته بيجا نظم و ضبط ذهني نشو نما لاءِ هاڃيڪار آهي. استادن ۽ والدين کي آقا بڻجي ادب، حياءَ،  وڏن جي اطاعت جي نالي ۾ پنهنجا مدي خارج تصور، ريتون رسمون ۽ غير عقلي عقيدا شاگردن جي ذهنن ۾ بوسي وانگر ڀرڻ جي بجاءِ انهن کي هڪ رهنما، رهبر ۽ دوست بڻجي شاگردن کي خود شناسي، ماڻهپو ۽ ضمير جي آزادي جو درس ڏيڻ کپي. هو استادي جي پيشي کي عظيم پيشو سمجهندا هئا ۽ استاد هجڻ تي هميشه فخر ڪندا هئا. هڪ دفعي سندن هڪ ساٿي استاد فخر سان چئي رهيو هو ته سندس شاگرد ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ٻين وڏن عهدن تي فائز آهن ته سائين هڪدم پڇيو ته توهان جا ڪيترا شاگرد استادي جي عهدي تي فائز آهن؟ پنهنجي انهن شاگردن تي به ته فخر ڪيو جيڪي استاد ٿي ويا آهن. علامه آءِ آءِ قاضي کان ڏاڍو متاثر هئا، اڪثر ان جو ذڪر نڪرندو رهندو هو. سائين وٽ قاضي صاحب جي تقريرن جون ڪيسٽون سنڀاليل هيون، جيڪي هو هر شاگرد ۽ دوست کي ٻڌرائيندا رهندا هئا. خانداني طور تاجپور جي نواب خاندان سان تعلق رکندا هئا، پر هنن پنهنجو پاڻ کي De–Class ڪيو، ڪڏهن به نواب نه سڏايو. چوندا هئا ته نوابي ته عيب آهي، هن ۾ فخر ڪرڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. منهنجو ساڻن تعلق محبت، احترام وارو به هو ته حجت وارو به. هڪ دفعي مون کي چيائون ته شوپنهار کي پڙهي اچ ته پوءِ ڪچهري ڪريون. مون جڏهن شوپنهار کي پڙهيو ته ڏاڍو متاثر ٿيس ۽ ائين مون ۾ فلسفي جو عشق جاڳائي ڇڏيائون، جيڪو اڃا تائين هلي پيو. پوءِ مون سنڌي ۾ ”فلسفي جي مختصر تاريخ“ نالي ڪتاب لکيو، جنهن جو مهاڳ سائين ڏاڍي محنت سان لکيو. مون اهو ڪتاب سائين سان منسوب ڪيو. (هن کان پهرين منهنجو پهريون ڪتاب پڻ سائين سان منسوب ٿيل هو) ان تي چيائين ته ميان تون ڇو منهنجي انا کي سگهارو ڪرڻ جي پويان پيو آهين، آئون ته ان کي ماڳهين ختم ڪرڻ ٿو گهران. سائين انسان ذات کي غلط قسم جي عقيدن کان آزاد ڏسڻ ٿي چاهيو، هن جي خواهش هئي ته هو خسيس مفادن کان مٿڀرو ٿي انسانيت جي اعليٰ منصب تي فائز ٿئي.

مرڻو هر ڪنهن ماڻهو کي آهي، پر زنده رهڻ جو ڏانءُ ڪنهن ڪنهن کي ايندو آهي. پنهنجي پوري پنجهتر ساله زندگي ۾ پنهنجن آدرشن سان مڪمل طور نڀائڻ هڪ غير معمولي ڳالهه آهي. زندگي جي هر ڏک، هر تڪليف جو خنده پيشاني سان خير مقدم ڪرڻ، ڪيترن ئي جسماني روڳن ۽ تڪليفن باوجود هر وقت وڏا ٽهڪ ڏيڻ، هر ڪنهن سان محبت ۽ پاٻوهه سان ملڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. سندن لاڏاڻي کان صرف اٺ ڪلاڪ پهرين منهنجي ساڻن آخري يادگار ملاقات ٿي هئي، اسان ڪيترن ئي موضوئن تي ڳالهايو هو. شيڪسپيئر جي جملي Man is slave of his thought تي ڪافي گفتگو ڪيائون ۽ آخر ۾ ڀرپور ٽهڪن سان الوداع ڪيائون. ٻئي ڏينهن تي جڏهن مون کي اسحاق سميجي سندن انتقال جو ٻڌايو ته يقين ئي نه آيو، ائين وري ڪيئن هوندو؟ اڄ جڏهن سائين جن جو اولاد يتيم ٿيو آهي ته آئون سمجهان ٿو ته منهنجي سر تان به سايو کڄي ويو آهي. آئون ٻيهر يتيم ٿيو آهيان ۽ مون سان گڏ ٻيا هزارين يتيم ٿيا آهن، جو اسان جو روحاني پيءُ هميشه لاءِ اسان کان جدا ٿي ويوآهي. سنڌ هڪ اعليٰ پائي جي عالم ۽ هڪ عظيم درويش انسان کان محروم ٿي آهي.