|
سنڌي ادب جو ماضي، حال ۽ نئين زندگي جو سفر! اياز عالم ابڙو هي اهو دور هو جڏهن سنڌ ۾ سنڌي زبان هوندي به پارسي دفتري زبان هئي، سڄو علم ۽ ادب پارسي زبان ۾ مڙهيل هو، تڏهين ان دور جي علم ۽ دانش جي ڌڻين ۽ اڪابرن اهو خدشو پروڙي ورتو ته، جيستائين پنهنجي مادري زبان کي علمي ميدان نه بڻائبو، تيستائين عام ماڻهو پنهنجي قومي وجود ۽ علم و ادب کان ڪٽيل ۽ محروم رهندو، اهڙن عالمن ارغوني درٻار جي اثر کي پاسيرو رکي وڏي جرئت سان سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ علم ۽ ادب جي خدمت جو ٻيڙو سير ۾ لاٿو، مخدوم نوح رحه، قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم ان مشن جا سرواڻ هئا، ٺٽي جي عالم ابو الحسن ”سنڌي“ 1700ع ڌاري ”مقدمه الصلوات“ لکيو، اهو سنڌي ٻولي ۾ پهريون ڪتاب هو، جنهن کي لکئي اڍائي سئو سالن کان مٿي عرصو گذريو آهي، جڏهن ته سندس لکت هٿ اکرن کي اڄ به ابو الحسن واري سنڌي سڏجي ٿي، جنهن لاءِ هن عربي ۽ فارسي لفظن جي ڀڃ گهڙ ڪري سنڌي الف بي ترتيب ڏني، جنهن جي سٽاءَ تي سندس خوشخط لکتون، سنڌي ڏوهيڙا ۽ بيت محفوظ آهن. ڪلهوڙا دورِ حڪومت ۾ شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه، سنڌي ٻولي جي علمي، ادبي ۽ فني اوسر کي ڪمال جي حدن تائين رسايو، جنهن جي هاڪ دنيا جون سرحدون اورانگهي پنهنجي وجود ۽ سڃاڻپ جي ساک ڏني ۽ سنڌ پنهنجي هنج ۾ شاهه سائين جو گنج سانڍيو ۽ سهيڙيو، ان تسلسل ۾ سنڌي ٻولي مختلف تحريري شڪلين، لپين ۽ لکتن ۾ علم ۽ ادب، وڻج، واپار جو وسيلو رهي، جنهن ڪيترين ئي ٻولين تائين پنهنجا صوتي اثر ڇڏيا، انگريزن پنهنجي راڄ ۾ حڪومتي ڪاروهنوار لاءِ پارسي بجاءِ سنڌي ٻولي کي اهميت ڏني ۽ ملازمت جي مقرري لاءِ سنڌي ٻولي جو امتحان لازمي پاس ڪرڻ لاءِ حڪمنامو جاري ڪيو ويو، اهڙي طرح سنڌي ٻولي ۾ ادب جي ترقي لاءِ راهه هموار ٿي، سرڪاري توڙي خانگي شعبن ۾ سنڌي لک پڙهه عام ٿي، ان دور ۾ 1858ع دواران سنڌي ٻولي ۾ ڪتاب ۽ رسالا ڇپجي پڌرا ٿيا، ان ئي سال سنڌي صحافت بنياد پيو، سڀ کان پهرين اخبار، جيڪا ڪراچي مان جاري ٿي، سا هفتيوار ”فوائد الاخبار“ نالي سنڌي ۽ فارسي ٻولين ۾ شايع ڪئي وئي، جنهن بعد تعليم کاتي پاران سنڌ سڌار نالي اخبار جاري ٿي، سا سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿي عام تائين پهتي، سنڌي رسالن جي سلسلي ۾ حيدرآباد،سنڌ مان 4 نومبر 1890ع ۾ ”سڌار سڀا“ طرفان ”سرسوتي“ رسالو ڇپجي پڌرو ٿيو، هن رسالي جاري ٿيڻ بعد ڪيترائي ٻيا رسالا سنڌ جي مختلف شهرن مان ڇپيا، اهو سلسلو ورهاڱي تائين جاري رهيو. ورهاڱي بعد وڏي لڏ پلاڻ ٿي، ادبي لڏي جو وڏو انگ ورهائجي ويو پر ان ادبي سلسلي کي مسلم ادبي سوسائيٽي جاري رکندي، آگسٽ 1947ع ۾ ”آفتاب” نالي رسالو ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جو ايڊيٽر مولانا غلام محمد گرامي (مرحوم) هو، پاڪستان جڙڻ بعد 15 نومبر 1948ع کان وزارت اطلاعات ۽ نشريات طرفان ڪراچيءَ مان سنڌي ۽ اردو ۾ هڪ بليٽن شايع ٿيڻ لڳي، جنهن جو خاص مقصد لڏ پلاڻي آيل مهاجرن جي آبادڪاري ۽ انهن سان واڳيل مسئلن جي ڄاڻ ڏيڻ ۽ مقامي سنڌين ۽ مهاجرن وچ ۾ پنهنجائپ وارو احساس پيدا ڪرڻ هو، ان بليٽن جي ڪا قيمت رکيل ڪا نه هئي، پر وقت بوقت ان جي اشاعتي سٽاءَ ۽ مواد ۾ اضافي سبب ان بليٽن کي هڪ رسالي، مخزن جي شڪل ڏيڻ جي ضرورت پيش آئي، جنهن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ”پاڪستان پبليڪيشن“ ڪراچي جي ادارت ۾ پندرهن روزه رسالو ”نئين زندگي“ نالي(ليٿو مشين تي ڇاپي) پڌرو ڪيو ويو، ٻن سالن دوران نئين زندگي جو اشاعتي سلسلو فقط سرڪاري سڌ سماءُ، حڪمرانن ۽ وزيرن سفيرن جي ملڪي، غير ملڪي دورن ۽ تصويري خبر نامن تائين محدود رهيو، جنوري 1950ع ۾ جڏهن ”نئين زندگي“ مخزن مولانا عبدالواحد سنڌي مرحوم جي سرواڻي هيٺ آيو، تڏهين ان دور جي نامور اديبن، دانشورن، جڳ مشهور محققن سميت فن ۽ ادب سان واڳيل ڏاهن ۽ ڏات ڌڻين جو وڏو انگ ”نئين زندگي“ سان سهڪاري سٿ ۾ همسفر ٿيو ۽ پوءِ اها بليٽن جيڪا حڪومتي مامرن ۽ سرڪاري پرچار لاءِ مخصوص هئي، سا گهڻ رخي تحقيق سان گڏوگڏ علم، ادب، فن ۽ ثقافت، سماجيات، افسانوي ادب، لطيفيات، ناٽڪ ۽ شاعري سان گڏوگڏ سياسي ليکن سميت ملڪي ۽ بين الاقوامي سفارتڪاري جو لاڀائتو مخزن بڻجي هر خاص ۽ عام لائبريرين ۽ ذاتي ڪتب خانن ۾ اهم جاءِ والاري ۽ ”نئين زندگي“ جو هر شماري ناياب تحقيقي مواد جي حوالي سان ريفرنس ڊاڪيومينٽس جي هڪ ساکائتي دستاويز جي حيثيت حاصل ڪئي، جنهن جي پهرين تحقيقي اشاعت فيبروري 1950ع جي لکارين ۽ محققن ۾ سيد ميران محمد شاهه، الهه بخش عقيلي، پير علي محمد راشدي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، بيگم زينت رشيد، آغا عبدالنبي، آغا تاج محمد، الهه بخش نظاماڻي، عبدالعلي قلباڻي، ايم اي لطيف ۽ ظفر قريشي جا نالا شامل آهن، جنهن بعد ”نئين زندگي“ پنهنجي اشاعتي دور ۾ سنڌي جڳ مشهور محققن سان گڏ نوان لکندڙ به پيدا ڪيا، جن اڳتي هلي ادب جي ميدان ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو، ”نئين زندگي“ پنهنجي 50 ساله سفر دوران ڪيترن ئي نامور محققن سميت لازوال لکڻين، ڪلاسيڪل شهپارن ۽ سڄي ملڪ ان دور جي اوڀر پاڪستان (هاڻي بنگلاديش) ۽ اولهه پاڪستان سميت سنڌ جي نامور ڏات ڌڻين ۽ مصورن جي چترڪاري ۽ شاهڪار لکڻين کي پنهنجي سيني ۾ سانڍيو. جنهن دوران ”نئين زندگي“ ڪئين انقلاب ۽ لاها چاڙها به ڏٺا، مولانا عبدالواحد سنڌي ۽ شمشير الحيدري (بحيثيت ايڊيٽر) نئين زندگي جو دور سونهري دور ليکجي ٿو، پر پوءِ ائين به ٿيندو آهي جو سرڪار جي معاونيت سان هلندڙ رسالا جيڪي سرڪار جي پاليسين جي اثر هيٺ هلندا آهن، جن تي ڪڏهن ڪمال ته ڪڏهن زوال وارا ڏينهن به ايندا آهن، ”نئين زندگي“ تي هڪ دور اهڙو به آيو، جو پنهنجي 25 هين سالگرهه ملهائڻ وارن سانباهن دوران ان وقت ”نئين زندگي“ سميت ستن رسالن جي اشاعت رڪجي وئي، لڳ ڀڳ ٻه سال ”نئين زندگي“ رسالو بند رهيو، جنهن جو آخري پرچو 1973ع ۾ ”پاڪستان باتصوير“ نالي هڪ رسالو پڌرو ڪيو ويو، جيڪو ”نئين زندگي“ جو معيار مطابق علم ادب ۽ تحقيق کان وانجهيل فقط سرڪاري پرچارڪ رسالو هو، جنهن کي پوءِ آڪٽوبر 73ع ۾ ”نئين زندگي“ جو نالو ڏئي ڇپايو ويو، 75ع ۾ پاڪستان پبليڪيشن جي نظرداري ۾ ”نئين زندگي“ وري پنهنجي اصلي روپ ۾ ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اهڙي طرح رسالي وري نئون جنم ورتو، پر جئين ته هي رسالو سرڪاري سرپرستي ۾ هلي ٿو، تنهن تي سرڪاري پاليسي جا ڪڪر هميشه ڇانيل رهن ٿا، آخري ڏينهن ۾ نئين زندگي پنهنجو گولڊن جوبلي نمبر سيپٽمبر 99ع به پڌرو ڪيو، جنهن ۾گذريل پنجاهه سالن دوران ڇپيل مواد جي ڏسڻي، 50ع کان 80ع تائين شايع ڪئي وئي، جون 2006ع تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي نمبر پڻ شايع ڪيو ويو، پر سرڪار هاڻي هي رسالو بند ڪري ڇڏيو، جنهن لاءِ سنڌ جا مختلف فورم وقت بوقت آواز اٿاريندا رهن ٿا، ان ئي سلسلي ۾ هنن سٽن ذريعي سنڌ سرڪار ۽ لاڳاپيل وزارت کي اپيل ٿي ڪجي ته سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جو آئينو ۽ علم و ادب ۽ تحقيق جو ڀنڊار رسالو ”نئين زندگي“ هن هلندڙ نئين صديءَ جي پهرين ڏهاڪي اندر نئين جديد سهوليتن پٽاندڙ نه صرف شايع ڪيو وڃي پر ان کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ لاءِ ڪو ساکائتو سٽاءُ جوڙيو وڃي، ته جيئن ماضي جي مهان محققن جا املهه تحقيقي مقالا، ناياب فوٽو گرافس ۽ چترڪاري جديد سهوليتن آهر محفوظ به ٿي وڃن ۽ دنيا سنڌ جي ساڃاهه،تاريخ، جاگرافي، علم، ادب، فن ۽ ثقافت، سماجيات، ماضي ۽ حال کان روشناس به ٿئي ۽ لاڀ پرائي. |