ڪنري
(ن
ڪ) |
|
ڪاري ڪامڻ تيزي سان پکڙجي پئي،ضابطو آڻڻ اسان جي وس ۾ ناهي:اعجاز جکراڻي جيڪب آباد (ن ڪ) صحت جي وفاقي وزير مير اعجاز جکراڻي چيو آهي ته سڄي ملڪ اندر هيپاٽائيٽس بي ۽ سي تيزي سان پکڙجي رهي آهي، جنهن تي مڪمل طرح ضابطو نه ٿو آڻي سگهجي، ڇاڪاڻ ته ڪاري ڪامڻ عالمي مسئلو نه آهي، اها بيماري وڏي تعداد ۾ رڳو پاڪستان ۾ آهي ۽ مريضن جو ايترو وڏو تعداد آهي جو ڪرايل سروي موجب سندن علاج لاءِ 12 سئو بلين رپيا هڪ ئي وقت خرچ ٿيندا، جيڪا حڪومت جي وس جي ڳالهه نه آهي، ڇاڪاڻ ته اها بيماري ٻين ملڪن ۾ ايتري حد تائين پکڙيل نه هجڻ ڪري عالمي ڊونرز ان کي پاڪستان جو مسئلو ڄاڻائي مدد نه ٿا ڪن، جنهن ڪري سرڪار پنهنجي مدد تحت ڪاري ڪامڻ جي مرض تي ضابطي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اهڙو اظهار هن ڪالهه هتي صحت کاتي پاران ڪاري ڪامڻ جي مرض تي ضابطي آڻڻ لاءِ ڪرايل سيمينار ۾ ڊاڪٽرن کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته ڪاري ڪامڻ جي خاتمي لاءِ سرڪار پاران پنهنجي وس آهر مريضن جو علاج ڪرايو پيو وڃي پر جيترا مريض صحتياب ٿين ٿا ان کان وڌيڪ ٻيا مريض انهي موتمار مرض ۾ مبتلا ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته ڪاري ڪامڻ بابت ماڻهن کي علاج ڪرائڻ کان وڌيڪ شعور جي ضرورت آهي ڇو ته اهو مرض خاص طور تي عطائي ڊاڪٽرن پاران متاثر مريض جي سرنج صحتياب ماڻهو کي لڳائڻ سان ڦهلجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ترقي يافته ملڪن ۾ ڊاڪٽر انجيڪشن بدران گورين ۽ سيرپ جو استعمال ڪرائين ٿا، هن چيو ته عطائي ڊاڪٽر ان مرض جي ڦهلائڻ جو خاص سبب آهن، جيڪي ماڻهن کي مٿي ۾ سور پوڻ تي به انجيڪشن لڳائين ٿا، سڀ کان پهريان عطائي ڊاڪٽرن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪا مهم آئون صحت جي وفاقي وزير جي حيثيت ۾ پنهنجي شهر جيڪب آباد کان جلد شروع ڪندس ۽ بعد ۾ اها مهم سموري ملڪ تائين وڌائي ويندي، هن چيو ته ڪاري ڪامڻ جي مرض جي پي سي آر ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ جيڪب آباد ۾ سينٽر قائم ڪرائڻ جو اعلان ڪريان ٿو، هن چيو ته ملڪ جي عوام کي ڪاري ڪامڻ کان بچاءَ واسطي شعور ڏيڻ لاءِ ڪاميٽيون جوڙيون وينديون، هن سول اسپتال جي مختلف شعبن کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ 19 ڪروڙ رپيا صوبائي حڪومت کان ڏيارڻ سميت ڊيلٽا وائرس جي مريضن جي علاج لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا ۽ سول اسپتال جي گائني شعبي لاءِ گائناڪالاجسٽ، يورا لاجسٽ ۽ ريڊيالاجسٽ مقرر ڪرائڻ ۽ بدلي ٿي ويل اکين جي ماهر ڊاڪٽر هاشم قريشي کي سکر مان واپس ڪرائڻ جو اعلان ڪيو، ان کان اڳ هن سول اسپتال ۾ ڏندن جي شعبي جو افتتاح ڪيو، جڏهن ته وڏي مندر ۾ سوامي ڪرشن گر جي ميلي جو افتتاح ڪيو ۽ مندر لاءِ 50 هزار رپيا امداد ڏني، جڏهن ته هٿياربندن هٿان ڦر مزاحمت تي قتل ٿيل نوجوان سنديپ ڪمار جي وارثن سان گهر وڃي عذر خواهي ڪئي، ان موقعي تي ساڻس تعلقي ناظم مير سجاد حسين جکراڻي، پ پ جو ضلعي جنرل سيڪريٽري عبدالستار بروهي، تعلقي صدر ممتاز جکراڻي، ديدار جکراڻي، مشتاق بروهي، حق نواز بروهي ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا. |