چمن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) |
|
مٽياري ضلعي ڪائونسل جي ٽيڪس فري بچت واري بجيٽ پيش:ضلعي ڪائونسلرن لاءِ 7 ڪروڙ مخصوص مٽياري/هالا (نمائندن وٽان) مٽياري ضلعي ڪائونسل جي سالياني بجيٽ ۾ هڪ ارب 91 ڪروڙ هڪ لک 83 هزار 6 سئو 92 رپين جي ٽئڪس فري بچت واري بجيٽ پيش ڪئي وئي، ضلعي ناظم سيد محمد علي شاهه سال 09-2008ع جي هڪ ارب 91 ڪروڙ هڪ لک 83 هزار 6 سئو 92 رپين جي بجيٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ 2 ڪروڙ رپين جي بچت ڏيکاري وئي، بجيٽ ۾ اوپننگ بئلنس 24 ڪروڙ 98 لک 87 هزار 4 سئو 11 رپيا، سنڌ سرڪار کان ملندڙ ساليانو هڪ ارب 51 ڪروڙ، 28 لک، هڪ هزار، آڪٽراءِ ضلعو ٽئڪس جي مد ۾ ملندڙ ساليانو 2 ڪروڙ، 25 لک، 7 هزار، ضلعي جي پنهنجن وسيلن مان ٿيندڙ آمدني 50 لک، 98 هزار، 5 سئو 89 رپيا، سنڌ ڊوالڊ سوشل سيڪٽر مان ملندڙ هڪ ڪروڙ 98 لک، 89 هزار 6 سئو 92 رپيا، سنڌ ايجوڪيشن ريفارمرز پروگرام تحت ملندڙ 10 ڪروڙ رپيا، اهڙي طرح ٽوٽل آمدني هڪ ارب 91 ڪروڙ، هڪ لک، 83 هزار، 6 سئو 92 رپيا ظاهر ڪئي وئي، سالياني پيش ڪيل بجيٽ ۾ ضلعي حڪومت جي پگهارن ۽ ٻين خرچن لاءِ هڪ ارب 18 ڪروڙ، 28 لک، هڪ هزار، نئين ترقياتي اسڪيمن لاءِ 29 ڪروڙ، 75 لک، سي سي بي اسڪيمن لاءِ 2 ڪروڙ، 10 لک، 7 هزار، تعليم ۽ صحت جي اسڪيمن لاءِ هڪ ڪروڙ 98 لک، 89 هزار، 6 سئو 92 رپيا، سنڌ ايجوڪيشن رفارمز تحت تعليمي اسڪيمن لاءِ 10 ڪروڙ، ڊسٽرڪٽ ترقياتي پروگرام تحت مختلف اسڪيمن لاءِ 24 ڪروڙ 64 لک 79 هزار خرچ ڏيکاريو ويو، بجيٽ ۾ ضلعي ڪائونسلرن کي ترقياتي ڪمن جي مد ۾ 6 ڪروڙ 90 لک ڏنا ويندا، جڏهن ته راندين جي واڌ ويجهه لاءِ 32 لک، مستحقن، ضرورتمندن، شاعرن ۽ اديبن لاءِ 50 لک، روڊن ۽ اسڪولن جي مرمتي ڪمن لاءِ 6 ڪروڙ، لطيف سرڪار جي ميلي لاءِ 15 لک، قدرتي آفتن ۽ حادثن جي متاثرين لاءِ 50 لک، لائبريرين جي واڌاري لاءِ 2 لک، قومي ۽ مذهبي ڏينهن ملهائڻ لاءِ 66 لک، 98 هزار ۽ ذهين شاگردن جي اسڪالرشپ لاءِ 3 لک. 50 هزار مختص ڪيا ويا، ضلعي ناظم پاران پيش ڪيل بجيٽ ڪنوينر پاران ايوان ۾ منظوري لاءِ پيش ڪئي جيڪا ايوان اتفاق راءِ سان منظور ڪئي، بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ صحت، تعليم ۽ فلاح و بهبود تي خصوصي توجهه ڏني وئي آهي، هن چيو ته مٽياري ضلعي جي ڪا به خاص آمدني ناهي، ۽ نه ئي هتي ڪا انڊسٽري يا قدرتي ذخيرا آهن، ضلعي ناظم چيو ته ڊسٽرڪٽ ڪامپليڪس تيارين جي آخري مرحلي ۾ آهي، ضلعي ڪائونسل جو ايندڙ اجلاس نئين اسيمبلي هال ۾ ٿيندو ۽ آفيسون به اتي منتقل ڪيون وينديون.
|