رپورٽ:عبدالرحمان
رند |
|
حيدرآباد ۾ ڳوٺن تي قبضي جي ڪوشش ۽ بيدخل ڪرڻ خلاف مظاهرو حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) لطيف آباد جي ڳوٺاڻن جي سنڌي قديمي ڳوٺ بچايو ڪاميٽي ڳوٺاڻن کي بيدخل ڪرڻ جي عمل خلاف ڪالهه هتي ميران محمد شاهه روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ٽريڪٽر ٽرالين ۽ سوزوڪين ۾ سوار ٿي احتجاج لاءِ پهتل ڳوٺاڻن ۾عورتن جو وڏو انگ شامل هو، مظاهرين سخت نعريبازي ڪندي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو،ان موقعي تي فياض ميمڻ، منظور علي بخاري، سبز علي ڪورائي ۽ بين ڳالهائيندي ٻڌايو ته لطيف آباد جي يوسي 17 جي ديهه ملهه ۾ سبز علي ڪورائي، يار محمد ملاح، سعيد خان، شيخ ڳوٺ۽ دڙي مياڻ سميت مختلف برادرين جا 5 ڳوٺ 35 سالن کان قائم آهن، هنن الزام هنيو ته بااثر ماڻهن بلڊر مافيا سان ملي ڀڳت ڪري ڳوٺاڻن کي بيدخل ڪرڻ لاءِ رڻ ٻاري ڏنو آهي، ڄاڻايل ماڻهن پاران ڳوٺاڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي کين قبضا گير قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هنن اهو به الزام هنيو ته ڳوٺن تي فائرنگ ڪري ماڻهن کي هراسان ڪرڻ وارو عمل شروع ڪيو ويو آهي، هنن اعليٰ اختيارين کان انصاف ۽ تحفظ جي اپيل ڪئي.
|