سنڌ جي 29 تعلقن لاءِ اربين رپين جي ٽيڪس فري بجيٽ پيش،ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو

حيدرآباد(نمائندن وٽان) سنڌ جي 29 تعلقن لاءِ اربين رپين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي، مختلف تعلقن ۾ پيش ٿيل بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو، جڏهن ته ڪيترن ئي تعلقن ۾ خرچ ۽ آمدني جو ڪاٿو لڳائڻ بعد بچت ڏيکاري وئي، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب سيوهڻ تعلقي جي 13 ڪرڙو 27 لک 55 هزار جي بجيٽ پيش ڪري منظور ڪئي وئي، خرچن جو ڪاٿو 13 ڪروڙ  26 لک  5 هزار  جڏهن ته بچت  ڏيڍ لک ڏيکاري وئي، ٿاڻي بولاخان  تعلقي جي 13 ڪروڙ 91 لک 23 هزار 656 رپين جي بجيٽ پيش ڪري منظور ڪئي وئي، بجيٽ ۾ 2 لک 79هزار 99 رپيا  بچت ڏيکاري وئي آهي، شڪارپور تعلقي ڪائونسل جو بجيٽ اجلاس ڪنوينر  حافظ عبدالغفور سومري جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ تعلقي ناظم ظفر علي شيخ 14 ڪروڙ 74 لک 9 هزار 76 رپين جي بجيٽ پيش ڪئي، جيڪا منظور ڪئي وئي، بجيٽ ۾ هڪ لک 84 هزار 723 رپيا بچت ڏيکاري وئي، جڏهن ته ترقياتي ڪمن لاءِ 5 ڪروڙ 68 لک 75 هزار رپيا رکيا ويا.  لاڙڪاڻي جي تعلقي سجاول جوڻيجو لاءِ 13 ڪروڙ 39 لک 60 هزار رپين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي، بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو، ٻئي طرف ماتلي تعلقي لاءِ پيش ڪيل 12 ڪروڙ 15 لک 37 هزار 668 رپين جي بجيٽ ۾ 2 لک 84 هزار 993 رپيا بچت ڏيکاري وئي، بجيٽ ۾ خرچ جو ڪاٿو 12 ڪروڙ 12 لک 52 هزار 775 رپيا لڳايو ويو، هوڏانهن  ٽنڊوباگو تعلقي جي پيش ڪيل بجيٽ ۾ آمدني جو ڪاٿو 12 ڪروڙ 18 لک 27 هزار رپيا ڏيکاريندي 27 لک 50 هزار بچت ڏيکاري وئي. سانگهڙ تعلقي ميونسپل جي 85 لک 87 هزار 660 رپيا جي ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ آمدني جو ڪاٿو 17 ڪروڙ 22 لک 19 هزار 445 رپيا ۽ خرچ جو ڪاٿو 16 ڪروڙ 36 لک 31 هزار 795 رپيا لڳايو ويو،  هوڏانهن سنجهوري تعلقي ميونسپل جي 2 لک 22 هزار 828 رپين جي بچت واري بجيٽ پيش ڪئي وئي، نئين مالي سال ۾ آمدني جو ڪاٿو 8 ڪروڙ 45 لک 9 هزار 843 رپيا ۽ خرچ جو ڪاٿو 8 ڪروڙ 42 لک 87 هزار 15 رپيا لڳايو ويو، ٻئي طرف کپري تعلقي جي بچت واري پيش ڪيل بجيٽ ۾ آمدني جو ڪاٿو 12 ڪروڙ 78 لک 99 هزار 880 رپيا ۽ خرچ جو ڪاٿو 12 ڪروڙ 62 لک 80 هزار رپيا لڳايو ويو،  هوڏانهن ٽنڊي آدم تعلقي ڪائونسل جي 66 لک 72 هزار رپين جي بچت واري ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ آمدني جو ڪاٿو 13 ڪروڙ 35 لک 82 هزار 635 رپيا لڳايو ويو، هوڏانهن ٽنڊوالهيار تعلقي جي 12 لک 55 هزار رپين جي بچت واري ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ آمدني جو ڪاٿو 12 ڪروڙ 32 لک 50 هزار رپيا لڳايو ويو، ٻئي پاسي ٽنڊي محمد خان جي تعلقي جي 21 لک 79 هزار 559 رپيا جي بچت واري بجيٽ پيش ڪئي وئي، جنهن  ۾ آمدني جو ڪاٿو 7 ڪروڙ 94 لک 64 هزار ۽ خرچ جو ڪاٿو 7 ڪروڙ 91 لک 74 هزار 500 رپيا لڳايو ويو. ميرپورخاص تعلقي جي 24 ڪروڙ 47 لک 84 هزار جي بجيٽ پيش ڪئي وئي، خرچن جو ڪاٿو 23 ڪروڙ 72 لک 58 هزار ڄاڻايو ويو، بچت 75 لک 25 هزار ڄاڻائي وئي آهي. بجيٽ ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 8 ڪروڙ 33 لک 75 هزار مخصوص ڪيا ويا، بجيٽ جي ڪائونسل منظور ڏئي ڇڏي، حسين بخش مري تعلقي جي 6 ڪروڙ 95 لک 2 هزار رپين  جي بجيٽ پيش ڪئي وئي، بجيٽ ۾ 79 هزار 560 رپيا بچت ظاهر ڪئي وئي آهي، ترقياتي رٿائن لاءِ  5 ڪروڙ 31 لک رکيا ويا، تعلقي ڪائونسل بجيٽ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني. نارا تعلقي جي 13 ڪروڙ 55 لک 58 هزار رپين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي، جيڪا اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي، گهاري تعلقي جي 12 ڪروڙ 72 لک14 هزار رپين جي ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ 7 لک 27 هزار 2 سئو 61 رپيا بچت ڏيکاري وئي، ترقياتي ڪمن لاءِ هڪ ڪروڙ 8 لک 54 هزار 8 سئو24 رپيا رکيا ويا آهن، ڪنگري تعلقي جي 8 ڪروڙ 63 لک 67 هزار 6 سئو 46 رپين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي، جڏهن ته خرچن جو ڪاٿو 8 ڪروڙ 54 لک 90 هزار 3 سئو 77 رپيا لڳايو ويو ۽ 8 لک 77 هزار 2 سئو 69 رپيا بچت ڏيکاري وئي، فيض گنج تعلقي جي 7 ڪروڙ 39 لک 13 هزار 2 سئو 77 رپين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 2 ڪروڙ 68 لک  رپيا رکيا ويا آهن، ٺٽي تعلقي جي 16 ڪروڙ 22 لک 82 هزار 5 سئو 55 رپين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ خرچن جو ڪاٿو 16 ڪروڙ 16 لک 44 هزار رپيا لڳايو ويو، بجيٽ اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي. ڪنڊيارو تعلقي ڪائونسل جو اجلاس ڪنوينر ڄام شوڪت سهتو جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ تعلقي ناظم سيد سرفراز شاهه ڪنڊيارو تعلقي ڪائونسل جي 12 ڪروڙ 52 لک 61 هزار 4 سئو 74 رپين جي ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 8 ڪروڙ 62 لک 33 هزار 5 سئو 71 رپيا رکيا ويا، مورو تعلقي ڪائونسل جي 13 ڪروڙ 20 لک 94 هزارن جي ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ 12 ڪروڙ 20 لک 81 هزار 284رپيا خرچ ڏيکاريو ويو، محرابپور تعلقي ڪائونسل جي بجيٽ 8 ڪروڙ85 لک 55 هزار 87 رپين جي بجيٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 4 ڪروڙ 97 لک 89 هزار 6 سئو 43 رپيا رکيا ويا. دولتپور تعلقي ڪائونسل جي 10 ڪروڙ 53 لک  66 هزار رپين جي بچت واري بجيٽ پيش ڪئي وئي، اجلاس ۾ تعلقي ناظم ڄام افتخار انڙ، نائب ناظم محمد موسيٰ ڏاهري ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي، دوڙ يوسي جي 27 لک 77 هزار رپين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي، نصيرآباد تعلقي لاءِ 11 ڪروڙ 18 لک رپين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي، بجيٽ ۾ خرچ جو ڪاٿو لڳائڻ بعد 5 لک رپيا بچت ڏيکاري وئي، اختلافن سبب تعلقي نائب ناظم ۽ ڪنوينر شرڪت نه ڪئي. پٿوري تعلقي جي 16 لکن جي بچت واري 10 ڪروڙ 80 لک 224 رپين جي بجيٽ پيش ڪري منظوري ڪئي وئي، خرچن جو ڪاٿو 9 ڪروڙ 84 لک رپيا ڄاڻايو ويو، ترقياتي ڪمن لاءِ 7 ڪروڙ 54 لک رپيا رکيا ويا، جهڏي تعلقي جي 14 ڪروڙ 88 لک 82 هزارن جي بجيٽ پيش ڪري 24 هزار بچت ڄاڻائي وئي، جيڪا اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي، ترقياتي رٿائن لاءِ 9 ڪروڙ رکيا ويا، ڇاڇري تعلقي جي 22 ڪروڙ 75 لک 40 هزارن جي ٽيڪس فري بجيٽ پيش ٿيڻ بعد اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي، بجيٽ ۾ سوا 8 لک بچت ظاهر ڪئي وئي،ترقياتي ڪمن لاءِ 7 ڪروڙ 20 لک مخصوص ڪيا ويا. ٺل تعلقي ڪائونسل جي اجلاس ۾ تعلقي ناظم اڪبر بنگلاڻي 8 ڪروڙ 97 لک 85 هزار رپين جي بجيٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ 8 ڪروڙ 88 لکين 10 هزار رپيا خرچ ۽ 9 لک 75 هزار بچت ڏيکاري وئي، جيڪا ايوان منظور ڪري ورتي. تعلقي ڪائونسل روهڙي جي اجلاس ۾ ناظم محمد اسلم شيخ 21 ڪروڙ 8 لک 77 هزار 343 رپين جي بجيٽ پيش ڪئي، جيڪا يڪراءِ منظور ڪئي وئي، بجيٽ ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 11 ڪروڙ 50 لک رپيا رکيا ويا.