روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي

نواز شريف جي تڪڙن فيصلن ڪري عوام کي ڀوڳڻو پئي ٿو!

                نواز شريف پنهنجي آخري حڪومت به تڪڙن فيصلن ڪرڻ واري پنهنجي عادت سبب وڃائي هئي. جنهن کانپوءِ 12 آڪٽوبر 1999ع کان وٺي 18 آگسٽ 2008ع تائين ملڪ ۾ مشرف راڄ لاڳو رهيو. نواز شريف جي انهن تڪڙن فيصلن واري عادت ڪري نه رڳو ملڪ ۽ قوم کي هڪڙي آمر کي منهن ڏيڻو پيو، پر خود نواز شريف کي پڻ ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا ۽ وطن بدر ٿيڻو پيو. پرويز مشرف، نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري عدليه ۽ پارليامينٽ کان وٺي سڀ ننڍا وڏا ادارا پنهنجي هٿ ۾ رکيا. اهو سڀ ڪجهه نواز شريف جي سياسي نابالغي جي ڪري عوام کي ڀوڳڻو پيو. جيڪڏهن سوچي سمجهي مشاورت سان فيصلا ڪيا وڃن ها ته مشرف کي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي ٻه دفعه هٽائڻ، عدليه تي حملو ڪرڻ، ايمرجنسي لڳائڻ ۽ ريفرينڊم ڪرائڻ جهڙا غير قانوني قدم نه ڦٻي سگهن ها. نواز شريف جيڪو ڪالهه حڪمران اتحاد کان پنهنجو پاند آجو ڪرائي ويو آهي، هن کي هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙو تڪڙو فيصلو ڪرڻ بجاءَ آصف علي زرداري جي فيصلن جو انتظار ڪرڻ کپي ها، ڇاڪاڻ ته مشرف جهڙي ماڻهو کي به آصف علي زرداري ڪيڏي نه آساني سان ماٺ ماٺ ۾ گهر روانو ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو ته باقي جج صاحبان جي بحالي وارو مسئلو ته تمام سولو آهي، اهو به حل ٿي وڃي ها ۽ ٿي ويندو. جج صاحبان به قانون ۽ آئين مطابق بحال ڪيا وڃن، ائين نه ٿئي جو وري عوام کي اهو چوڻو پئي ته موجوده حڪمرانن کان مشرف جو دور سٺو هو.

محمد قاسم خاصخيلي/ڪنري

پاڻي نيڪال نٿو ٿئي!

                 حيدر آباد جي مشهور علائقي فقير جي پڙ ۾ گرو نگر کان جاني شاهه چوڪ تائين گندي نالي ڀرسان ڏيڍ مهينو اڳ نيڪال جي پاڻي وارا پائيپ لاٿا ويا هئا جيڪي هفتو اڳ ٺيڪيدار واپس کڻي ويو آهي.  ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهي پائيپ مين نالي جي ڀرسان لڳڻا هئا ته جيئن پشوري پاڙي، جاني شاهه پاڙي ۽ ٽنڊو طيب وٽ ناليون اٿليل هونديون آهن انهن جو پاڻي انهن پائيپن وسيلي ڪڍي سگهجي ها. جيڪڏهن مين نالي تان پاڻي جو دٻاءُ گهٽائڻو آهي ته پوءِ پڪي قلعي وٽ جيڪو گندو پاڻي، چمڙو ۽ ٻيو سامان نالي ۾ ڪري ٿو، ان کي ڪرڻ کان بچايو وڃي ۽ ائين ئي هتان جي رهواسين جي هن اهم مسئلي کي آساني سان حل ڪري سگهجي ٿو. اسان ميونسپل جي اعليٰ ا ختيارين کي اپيل ٿا ڪريون ته جلد هن معاملي جو نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪيو وڃي.

محمد الياس/حيدرآباد

آخر معزول چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري بحال ڇو نه ٿئي؟

                ڇنڇر 23 آگسٽ واري ”ڪاوش“ ۾ ڊاڪٽر ايوب شيخ جو آرٽيڪل ”نواز شريف ۽ زرداري وچ ۾ ڪا ڳجهي مفاهمت ته ناهي؟“ جي عنوان سان پڙهڻ لاءِ مليو. جنهن مان لڳي ائين پيو ته،ڊاڪٽر ايوب شيخ ججن جي بحالي جي حوالي سان هاڻ اهو ئي موقف رکي ٿو،جيڪو الطاف حسين جو آهي. ڇا ڪاڻ ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي آرٽيڪل ۾ اهو ظاهر ڪيو آهي ته کيس سپريم ڪورٽ جي معزول چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي بحالي جي صورت ۾ سماج ۾ ڪا تبديلي اچڻ يا بهتري جي اميد ناهي. هن جي خيال ۾ ججن جي بحالي کانپوءِ نه مهانگائي گهٽبي ۽ نه ئي وري افتخار چوڌري جي بحالي کانپوءِ هو اخلاقي طور مشرف خلاف ڪيس ٻڌڻ جي لائق هوندو. جڏهن ته معزول چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري پاڪستان جي غريب عوام جي اميد آهي، ڀلي سندس بحاليءَ سان مهانگائي نه گهٽجي ۽ پرويز مشرف تي ڪيس نه هلي، پر سندس بحالي جي صورت ۾ مستقبل ۾ ڪو به آمر عدليه تي حملو ڪرڻ کان پهريان سئو ڀيرا ضرور سوچڻ مجبور ٿيندو ۽ جڏهن به ڪو اعليٰ پوليس عملدار ڪنهن عام غريب ماڻهو کي روايتي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ڌاڙيل ڄاڻائي قتل ڪندو ته، کيس ضرور چوڌري اسلم سان جسٽس چوڌري جي دور ۾ ٿيل حشر ياد ايندو يا وري جيڪڏهن ڪو وڏيرو عام ماڻهو سان ظلم ڪندو ته، کيس ضرور نبن لنڊ وارو واقعو ياد ايندو، يا وري جيڪڏهن ڪنهن ملڪ کي ڪروڙين رپيا ڪمائي ڏيندڙ اداري کي ڀڳڙن مٺ تي وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس ضرور شوڪت عزيز ۽ اسٽيل ملز ڪيس ياد ايندو.اهڙا ڪئين مثال ڳڻائي سگهجن ٿا سو ڊاڪٽر ايوب شيخ کي اهڙيون صلاحون ڏيڻ بجاءِ ججن جي بحالي واري ڳالهه جي حمايت ڪرڻ گهرجي. افتخار چو ڌري جي بحالي کانپوءِ ضرور خفيا ايجنسين جي عملدارن جون ننڊون حرام ٿينديون، جن کي ملڪي شهرين کي گم ڪرڻ جو ڪورٽ ۾ جواب ڏيڻو آهي. جسٽس افتخار محمد چوڌري کي بحال نه ڪرڻ جو مطلب 3 نومبر تي پرويز مشرف جي  کنيل آمرانه قدم جي حمايت ڪرڻ برابر آهي. جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته پوءِ مستقبل ۾ ڪو به جج ڪنهن آمر اڳيان انڪار ڪرڻ جي جرئت نه ڪندو ۽ ائين آمر ايندا رهندا ۽ عدالتن تي حملا ڪندا رهندا، جيڪو عمل ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار هوندو، ان ڪري جسٽس افتخار محمد چوڌري جي بحالي آئين جي پاسداري، آمريت کان هميشه لاءِ نجات ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جهڙا سٺا اثر ڇڏيندي.

بختيار احمد ڪٻر/ٺري ميرواهه

پروفيشنل ڊگريون رکندڙ اميدوارن کي ته پوسٽنگ آرڊر ڏيو!

                گذريل حڪومتي دور ۾ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ استادن جي خالي پيل جاين ڀرڻ لاءِ آءِ بي اي سکر جي معرفت لکت وارو امتحان وٺرايو ويو،جنهن ۾ ڪل پوڻا ٻه لک اميدوار ويٺا، جن مان ڪاميابي صرف پنجويهه هزار اميدوارن کي نصيب ٿي، باقي ڏيڍ لک اميدوار ان لکت واري امتحان ۾ فيل ٿي پيا هئا. جيڪي پنجويهه هزار اميدوار ان امتحان ۾ پاس ٿيا انهن کي گذريل حڪومت جي دور ۾ آرڊر ڏيڻ لاءِ مسلسل رلايو ويو ۽ آسرا ڏنا ويندا رهيا ته بس اڄ سڀاڻ آرڊر جاري ڪيا ويندا، پر ائين نه ٿي سگهيو ۽ ويندي ق ليگ جي حڪومت جو مدو ئي پورو ٿي ويو ۽ نگران حڪومت کي آرڊر جاري ڪرڻ جو قانوني حق نه هجڻ ڪري اميدوار چونڊن ٿيڻ ۽ نئين حڪومت جڙڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا، جڏهن چونڊون ٿيون انهن ۾ پيپلز پارٽي اڪثريت سان کٽي آئي ۽ سنڌ ۾ تعليم کاتي جو قلمدان محترم پير مظهرالحق حوالي ڪيو ويو، جنهن شروع ۾ بيان ڏيڻ شروع ڪيا ته جلد سمورن آءِ بي اي جي ٽيسٽ ۾ پاس ٿيندڙ اميدوارن کي آرڊر ڏنا ويندا، پر ڪجهه وقت کانپوءِ 60 سيڪڙو مارڪن وارو شرط لاڳو ڪيو ويو ۽ جن اميدوارن لکت واري امتحان ۾ سٺ سيڪڙو مارڪون کنيون هنيون، انهن کي پوسٽنگ آرڊر ڏنا ويا آهن ۽ انهن مان اڪثر مختلف اسڪولن ۾ نوڪري پڻ ڪري رهيا آهن. ان کان اڳ اهو به چيو ويو هو ته، آءِ بي اي جي ٽيسٽ پاس ڪرڻ کان وڌيڪ اميدوارن جي اعليٰ تعليمي قابليت ۽ پروفيشنل تعليم کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي. مون پي ايس ٽي، جي ايس ٽي ۽ ايڇ ايس ٽي جون ٽيسٽون پاس ڪيون آهن، ان کان علاوه ايم اي ۽ ايم ايڊ جي فرسٽ ڪلاس ڊگري رکندڙ آهيان،پر ان باوجود مونکي پوسٽنگ آرڊر نه ڏنو ويو آهي. اسان سنڌ جي تعليم واري وزير کي اپيل ٿا ڪريون ته سنڌ جي تعليمي معيار بهتر بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته اهڙن اميدوارن کي آرڊر جاري ڪيا وڃن، جن وٽ پروفيشنل ڊگريون آهن، جن جون پڙهائڻ جي حوالي سان ڪيئي اهم ٽرينگون ڪيل آهن، انهن کي سٺ سيڪڙو مارڪن واري شرط ۾ رعايت ڏئي پوسٽنگ آرڊر ڏنا وڃن.

مسعود احمد منگي/ڳڙهي ياسين

ٺٽي جي ڪانٽريڪٽي ڊاڪٽرن کي بحال ڪريو!

                سياستدان دعوائون ڪري رهيا آهن ته، اسان جمهوري دور ۾ داخل ٿي چڪا آهيون،هي جمهوري راڄ آهي هتي سڀني سان انصاف ٿيندو،ڪنهن جا به حق غضب نه ٿيندا وغيره وغيره، پر انهيءَ جمهوري دور جي شروع ٿيندي ئي اسان ڪانٽريڪٽي ڊاڪٽرن کان روزگار کسي بيروزگار ڪيو ويو آهي. جن ڪانٽريڪٽي ڊاڪٽرن کي برطرف ڪيو ويو آهي، انهن جو تعلق ٺٽي ضلعي سان آهي.پپيلز پارٽي جي اقتداري تاريخ ۾ڪڏهن به ملازمن کي نوڪرين مان نه ڪڍيو ويو آهي، بلڪه جيڪي بيروزگار هوندا آهن انهن کي پ پ پ جي حڪومتي دورن ۾ نوڪريون ڏنيون ويون آهن، پر هي شايد پ پ پ جون پهريون حڪومتي دور آهي، جنهن ۾ روزگار سان لڳل ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو آهي. روزگار ڄڻ ته اسان ڪانٽريڪٽي ڊاڪٽرن لاءِ ڪنهن گهاٽي بڙ جي ڇانءَ مثل هو، جنهن هيٺان اسان جا ٻار آرام ڪندا هئا، پر وقت جي حڪمرانن اها ڇانوءَ اسان کان کسي، ٻارن ۽ اسان جو ڄڻ ته سڪون حرام ڪري ڇڏيو آهي. محترمه بينظير ڀٽو (شهيد) هميشه روزگار ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي، هو آخري ڏينهن ۾ پنهنجي هر چونڊ جلسي ۾ چوندي هئي ته، اسين ماڻهن کي روزگار ڏينداسين ۽ ملڪ ۾ خوشحالي آڻينداسين، سو اسان پيپلز پارٽي جي اعليَ قيادت کي اپيل ٿا ڪريون ته شهيد بينظير ڀٽو جي چيل لفظن کي مان ڏيئي،ڪانٽريڪٽي ڊاڪٽرن جون نوڪريون بحال ڪري کين پڪو ڪيو وڃي.

ڊاڪٽر حبيب علي خواجه/گهوڙا ٻاري

موت بابت حليم بروهي پاران اٿاريل سوال!

                4 آگسٽ واري ”ڪاوش“ ۾ محترم حليم بروهي جو ڪالم پڙهي دلي اطمينان ٿيو ته آخر ڪو ته اهڙو به ليکڪ آهي، جيڪو اسان جي تاريخ ۽تهذيب جي صحيح ۽ غلط هجڻ تي نظر رکندو اچي ٿو. مذڪوره ڪالم ۾ حليم بروهي صاحب شايد ڄاڻي واڻي هڪ اهڙي روحاني مسئلي طرف اشارو ڪيو آهي، جنهن جو جواب ڪالم منجهه موجود آهي ته”  آخر اسان جي اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن کي موت يا پڇاڙي جي باري ۾ ڳڻتي ڇو هوندي آهي؟“، منهنجي خيال ۾ هي هڪ اهڙو پيچيده سوال آهي، جنهن جي بنياد تي دنيا جو ادب بيٺل آهي. سچائي کان ڪيترو به انڪار ڪجي، پر ان کي پٺي نٿي ڏئي سگهجي. موت هڪ سچائي آهي ۽ اهو سچ هر سطح تي موجود آهي. فرد جي موت، قوم جو موت ۽ تهذيب جي موت کان وٺي فن جي هر شعبي جي موت تائين، مطلب ته هر عمل جي پڄاڻي ٿيڻي آهي.

ممتاز سومرو/ڪراچي

مشرف جا مانگر مڇ وارا ڳوڙها!

                18 آگسٽ تي جڏهن اڳوڻي صدر پرويز مشرف پنهنجي صدارتي عهدي تان استعيفيٰ ڏني ته، ڪجهه ماڻهو اهو چوڻ لڳا ته اسان کي دلي طور صدمو رسيو آهي مشرف پاڪستان کي گهڻو ڪجهه ڏنو، ڪيترن ئي بحرانن مان ڪڍيو، مطلب ته مشرف جو اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڪيل خطاب ڪيترن ئي ماڻهن کي متاثر ڪري ويو آهي. مشرف جا مانگر مڇ وارا ڳوڙها عوام لاءِ وڏي ڳالهه هئي، ڇو ته پاڪستان جو عوام پرايو ڌک پنهنجي سيني ۾ رکندو آهي، پر حقيقت ۾ مشرف جا اهي ڳوڙها عوام ۽ پاڪستان لاءِ نه پر صدارتي ڪرسيءَ لاءِ هئا، جنهن سان هن جو 9 سالن تائين ڊگهو رشتو رهيو. هڪ ڊڪٽيٽر جيڪو چوندو هو ته، منهنجي فيصلي کي جيڪو به چئلينج ڪندو، ان کي ڪچلي ڇڏيندس يا بلوچستان مٿان اهڙي جڳهه تان فائر ڪيا ويندا، جو بلوچن کي خبر به نه پوندي ته اهي فائر ڪٿان ٿيا“، جهڙا بيان ڏيندڙ مشرف کان جڏهن صدارتي ڪرسي کسي وڃي، جنهن جي زور تي هو وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندو هو، ڇا ان جي اکين مان ڳوڙها نه وهندا؟ مشرف جا اهي ڳوڙها جيڪڏهن حقيقت تي ٻڌل هجن ها ته، ان وقت به وهن ها، جڏهن لال مسجد تي فاسفورس جهڙا ڪيميڪل ۽ خطرناڪ هٿيار استعمال ڪري معصوم ٻارن کي ماريو پئي ويو. جيڪڏهن هو حساس ۽ رحمدل هو ته پوءِ هن جي اکين مان ڳوڙها ان وقت به وهڻ گهرجن ها، جڏهن ملڪ جا ساڍا ٽي سئو شهري مائرن جا ڳڀرو پٽ، ونين جا ور ۽ ڀيڻن جا پيارا ڀائر ڊالرن عيوض آمريڪا حوالي ڪيا پئي ويا. صدر جا ڳوڙها ان وقت به وهن ها، جڏهن باجوڙ جي هڪ مدرسي ۾ ننڊ ستل طالبن تي بمباري ڪري کين موت جي ننڊ سمهاريو ويو، مشرف جا ڳوڙها ان وقت به وهن ها، جڏهن انصاف کي گهٽا ڏئي پاڪستان جي عوام ۽ ميڊيا تي ڪارا قانون مڙهيا ويا، پر ان دوران ڪڏهن به اهو نه ٻڌو سين ته ڪو مشرف کي افسوس ٿيو آهي، يا وري ڀل ۾ ڪو ڳوڙهو لڙي آيو اٿس. تنهن ڪري ملڪي عوام کي سمجهڻ گهرجي ته مشرف جا اهي ڳوڙها مانگر مڇ وارا هئا. اڄ کان 9 سال پهريان اقتدار تي قبضو ڪندڙ پرويز مشرف آخري خطاب ۾ عوام کي چئي رهيو هو ته، منهنجي دور ۾ پاڪستان جي معيشت مضبوط ٿي، ملڪ اڳ کان وڌيڪ ترقي ڪئي، غربت تمام گهٽ ٿي، 9 سال اڳ تيل، گئس، بجلي، ڀاڻ جا اگهه پنجاهه سيڪڙو گهٽ هئا وغيره وغيره. جڏهن ته مشرف جي دور ۾ پاڪستان جي معيشت مضبوط هجڻ باوجود اهي شيون ٻيڻ تي مهانگيون ڪيون ويون، مشرف جي دور ۾ غربت ته گهٽي پر بک ۽بدحالي سبب خودڪشين ۾ اضافو ٿيو ملڪ ۾ وڌ کان وڌ خودڪش حملا ان دور ۾ ٿيا انهن جو هن پنهنجي خطاب ۾ نڪ جي ڏاڍائي کان ذڪر ئي نه ڪيو.

ڪاظم امير بخاري/گهوٽڪي

مقابلي وارن امتحانن جي فيس گهٽايو!

                هڪ طرف مهانگائي ۽ غربت بيروزگار نوجوانن جي جيئاپي جا گس بند ڪيا آهن ته ٻئي طرف وري جيڪڏهن اهي ڪنهن مقابلي واري امتحان ۾ ويهڻ چاهين ٿا ته انهن جون وري فيسون اهڙيون رکيل آهن جو هو اهي ڀري ئي نٿا سگهن،تنهنڪري پڻ کين مايوسي جو منهن ڏسڻو پئي ٿو. ڪميشن جي امتحان ۾ ويهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 1000 رپيا في ورتي ويندي آهي، نوڪري جي آسري ۾ اعليَ تعليم يافته نوجوان پٽ سٽ ڪري اها فيس به جمع ڪرائيندا آهن، پر هاڻ ته اسان وٽ سنڌ پبلڪ سروس جي امتحان جي نتيجي کي به حڪمران نٿا مڃن. اهڙي صورتحال ۾ آخر اعليَ تعليمي ادارن جون ڊگريون رکندڙ نوجوان ڇا ڪن؟ ‎تنهنڪري حڪومت کي گهرجي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن توڻي، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي فيس گهٽائي ۽ جيڪي اميدوار امتحان ۾ ڪامياب نٿا ٿي سگهن، انهن کي اڌ فيس واپس ڪئي وڃي.

جهانگير جمالي/قاسم آباد