روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي |
|
آمريڪا جا سڪا به آخر ته کوٽا ٿيندا! آمريڪا ڀلا آخر ڪيترا ڏينهن پنهنجا پئسا ائين جنگين وڙهڻ ۽ کٽڻ جي جنون ۾ وڃائيندو رهندو؟ هڪڙي ڏينهن ته ضرور ان جو کيسو به خالي ٿيندو، بارود ڀريل ان جو برنيون به خالي ٿينديون يا بس هو سدائين ڪو ائين ئي شاهوڪار رهندو ۽ پنهنجي شاهوڪاري جي بنياد تي ٻين ملڪن جي ماڻهن ۽ دنيا جي عظيم تهذيبن کي بارود سان تباهه ڪندو رهندو؟ هن وقت آمريڪا جي کيسي ۾ جيڪي سڪا آهن، انهن سڪن جي ڪري ئي ان جي ڪنڌ ۾ ڪلي لڳل آهي ۽ هو انهن جي ڪري ئي پاڻ کي دنيا جو لٺ سردار سمجهي ٿو. ڏسجي ته اهي سڪا ڪڏهن ٿا کوٽا ٿين ۽ آمريڪا ويڳاڻو ۽ ويچارو ٿئي. اهو وقت ڪو ايترو پري ناهي جو چئجي ته آمريڪا جي بادشاهي ڪا کسجڻي ناهي، هن کان اڳ روس سپر پاور هو ته، ڀلا اڄ روس ڪهڙي حال ۾ آهي، ڪيترا دنيا جا ماڻهو روس جي نالي کان واقف آهن ائين هڪڙي ڏينهن آمريڪا به روس جيان ماضي جو قصو بنجي ويندو ۽ ماڻهو چوندا، ته روس جيان آمريڪا به سپر پاور ”رهيو“ هو، مستقبل ۾ ان رهيو کان وڌيڪ ٻيو آمريڪا ڪجهه ناهي بچڻو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به عروج جو آخري ڏاڪو وري به زوال ئي آهي. جنگي فن جي ماهرن جا اهي تبصرا آهن ته هاڻ آمريڪا جنگين ۾ پاڻ کي ڦاسائي ويٺو آهي، ان جو عراق ۽ افغانستان مان نڪرڻ به ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آهي. شايد هاڻ آمريڪا اهو ئي چاهي ٿو ته پاڻ ته مسقتبل ۾ هونئن ئي ڏکن ڀيڙو ٿيڻ وارو آهيان پر ٻين کي به خوشين ۾ نه ڇڏي وڃان.آمريڪا جي هميشه اها پاليسي رهي آهي ته اهو دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪا جمهوري حڪومت قائم ٿيندي آهي ته اتي پنهنجي رسائي ممڪن بنائي مشڪلاتون پيدا ڪندو آهي. هاڻ پاڪستان ۾ پڻ ڪجهه اهڙوئي ڪيو پيو وڃي. اليڪشن ۽ عوام ۽ ليڊرشپ جي عظيم قربانين کانپوءِ ملڪ ۾ قائم ٿيل جمهوري حڪومت کي مشڪلاتن ۾ ڌڪڻ لاءِ ئي آمريڪا پنهنجا پراڻا حربا استعمال ڪري رهيو آهي. ڏسون ته آمريڪا پنهنجي ان پراڻي طريقي سان اڃا وڌيڪ ڪهڙيون ٿو جمهوري حڪومت لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري؟ نجمه بالادي/ڄامشورو |