روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي

ٿاڻن جا منهن ڏيکاري ماڻهن جون دليون نٿيون کٽي سگهجن!

                ميرپور بٺورو ٿاڻي جي حد ۾ واقع هڪ ڳوٺ مولوي احمد گگو جي رهواسي احمد خان گگو کي گذريل 5 ڏينهن کان دڙي جي پوليس بنا ڪنهن ڪيس داخل هئڻ جي گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن تي دربدر ڪري رهي آهي. هتان جا رهواسي احمد گگو جي گرفتاري کي تڪ جي هڪ چونڊيل نمائندي جي انتقامي ڪارروائي سمجهن ٿا،ڇاڪاڻ ته ان ساڳئي شخص تي تر جي ساڳئي نمائندي، جنهن تي ڳوٺاڻا انتقامي ڪارروائي جو الزام هڻن ٿا پهريان به پوليس کي چئي پنج ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا هئا، جڏهن احمد خان انهن ڪيسن مان ضمانت تي آزاد ٿيو ته، هڪ ڀيرو ٻيهر هن کي گرفتار ڪرايو ويو آهي.گذريل حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪرڻ وارا اڄ پاڻ ڇا ڪري رهيا آهن؟ پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور ۾ ته گهٽ ۾ گهٽ ائين نه ٿيڻ گهرجي. ڇا ماڻهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ سان انهن جون دليون جيتي سگهجن ٿيون؟ اسان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت کي اپيل ٿا ڪريون ته ٺٽي ۾ ٿيندڙ اهڙين ڪاررواين جو نوٽيس وٺي، ذميوار ماڻهن کان پڇاڻو ڪيو وڃي.

عبدالغفور گگو/دڙو