|
ڪي ٽي اين جي نئين سوپ سيريل
”ڪڏهن ته ملنداسين“ جي رڪارڊنگ جاري
ڪراچي
(ڪلچرل رپورٽ) ڪي ٽي اين جي سوپ سيريل ”ڪڏهن ته ملنداسين“ جي
رڪارڊنگ جاري، انڊ لٺي رنگن واري هن سيريل جو رائيٽر عزيز
ڪنگراڻي ۽ ڊائريڪٽر سليم شاهه راشدي آهي، نئين تيار ٿيندڙ هن
سوپ سيريل جي ڪهاڻي نياڻين جي وڪري ۽ وهمن وڪوڙيل ماڻهن جي
زندگي کي فوڪس ڪري ٿي، سوپ سيريل ”ڪڏهن ته ملنداسين“ جي سيٽ
تان ڪاوش سان ڳالهائيندي ڊائريڪٽر سليم شاهه راشدي ٻڌايو ته
”ڪڏهن ته ملنداسين“ جي ڪهاڻي جو هر ٽريڪ منفرد ۽ جاندار آهي،
مون ڊائريڪٽر طور ڪوشش ڪئي آهي ته ڊرامي جو هر فريم خوبصورت
نظر اچي، هن چيو ته سيريل جي رڪارڊنگ ڳوٺ جي خوبصورت لوڪيشنز
تي ڪئي پئي وڃي، ڪشادن گهرن ۽ کليل اڱڻن تي ڪردارن جي هر چرپر
حقيقي زندگي سان ويجهڙائپ رکي ٿي، سوپ سيريل ”ڪڏهن ته ملنداسين“
جي ڪاسٽ ۾ ذوالفقار بڙدي، سليم شاهه راشدي، امداد شيخ، ممتاز
خاصخيلي، رفيق شيخ، اڪبر بلوچ، زاهد صديقي، زارا چانڊيو، لال
پري، طيبه حنيف سهاڳ، مير صوبدار سعيد، اڪبر بلوچ، ايم ايم
بلوچ، نذير سنڌي ۽ ٻيا شامل آهن.
|