روزانه ڪاوش

نجومين جي ڳالهه نه مڃڻ سبب مون کي آءِ پي ايل ۾ نقصان ڀوڳڻو پيو:پريٽي جو اعتراف

ممبئي (اين اين آءِ) بالي ووڊ جي چنچل اداڪاره پريٽي زنٽا چيو آهي ته کيس انڊين پريميئر ليگ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ کان نجومين منع ڪيو هو، مون نجومين جي منع ڪرڻ باوجود آءِ پي ايل ۾ سيڙپڪاري ڪئي، واضح رهي ته پريٽي آءِ پي ايل ۾ ڪنگ اليون پنجاب جي مالڪياڻي هئي، جنهن ۾ هن پنهنجي بواءِ فرينڊ نيس واڊيا، اپچي سريندرا گروپ جي ڪارڪن ۽ ڊابور جي مهيت برمان سان گڏجي 76 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي پر سندس ٽيم کي راجستان رائلز هٿان سيمي فائنل ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.