|
لاڙڪاڻي مان فرسٽ ايئر جا 2 شاگرد
اغوا:پوليس گمشدگي ڄاڻائي معاملو دٻائي ڇڏيو:گهرن ۾ ڪهرام
لاڙڪاڻو
(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي مان 2 شاگرد اغوا، رپورٽن موجب لاڙڪاڻي
جي وڪيل ڪالوني جا رهواسي 11هين ڪلاس جا شآگرد نور نبي اوڍو ۽
سندس هم ڪلاسي جاويد مغيري آچر ڏينهن شام جو نور نبي اوڍو جي
ڪار ۾ گهران نڪري ويا، جن کي نامعلوم هٿياربندن ڪار سميت اغوا
ڪري ورتو، وارثن ڪالهه تائين ٻنهي شاگردن جي نه اچڻ کانپوءِ
وليد ٿاڻي تي اطلاع ڏنو پر پوليس مامري کي گمشدگي ڄاڻائي نوٽيس
به نه ورتو، ان سلسلي ۾ حد جي وليد پوليس ٻڌايو ته ٻئي شاگرد
گم ٿيا آهن پر سندن ڪو به وارث اسان وٽ نه آيو آهي، هوڏانهن
مبينا اغوا ٿيل شاگرد نور نبي جي ڀاءُ ڊاڪٽر افضل اوڍو ٻڌايو
ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، منهنجو ڀاءُ پنهنجي ڪار ۾
ساڳئي پاڙي ۾ رهندڙ هم ڪلاسي جاويد مغيري سان گڏ شهر ڏانهن
نڪري ويو هو، رات دير تائين نه اچڻ کانپوءِ ٻنهي جي اغوا جو شڪ
پيدا ٿيو، هن چيو ته ڀاءُ وٽ موجود موبائيل فون پڻ بند آهي، هن
چيو ته اسان پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس مامري جو نوٽيس نه
ورتو، اسين پاڻ به ٻنهي شاگردن جي اغوا واري مامري بابت جاچ
ڪري رهيا آهيون، هوڏانهن واقعي کانپوءِ ٻنهي شاگردن جي گهرن ۾
ڪهرام متل آهي، وارث عورتن پاران ٻنهي شاگردن جي بازيابي لاءِ
قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري بازيابي لاءِ دعائون گهريون پيون وڃن،
ٻڌايو وڃي ٿو ته ٻئي شاگرد لاڙڪاڻي جي هڪ خانگي اسڪول ۾ 11هين
ڪلاس ۾ پڙهندا آهن،هوڏانهن نور نبي جو والد عبدالنبي اوڍو
بلوچستان جي سوئي شهر ۾ اسسٽنٽ انجنيئر آهي، جڏهن ته جاويد
مغيري جو والد محمد ايوب مغيري قمبر ضلعي جي خزاني آفيس ۾
ملازم آهي. |