روزانه ڪاوش

ٽنڊو الهيار:ٻارڙي کي سڱ چٽي ۾ڏيندڙن تي نيٺ ڪيس داخل

ٽنڊو الهيار (ن ڪ) ڊي آءِ جي ثناءُ الله  عباسي جي هدايتن تي  پيارو لنڊ ٿاڻي تي  4 سالن جي ٻارڙي  مينا ڪولهي کي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ واري واقعي جو قلم 419 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،  نينگري  جي  ڏاڏي رامجي ڪولهي ترجي زميندار شريف لنڊ، نور حسن لنڊ، سومار لنڊ، شيرل لنڊ، عاشق حسين لنڊ، ڪارو ڪولهي ۽ ٻين کي جوابدار ڄاڻايو آهي، واضح رهي ته معصوم مينا ڪولهي جي والد ۽ زميندار شريف لنڊ جو ڊرائيور نيلو ڪولهي پنهنجي برادري جي نوجوان ناري راڌا ڪولهي کي کنڀي کڻي ويو هو، جنهن بعد کنڀيل ناري راڌا جي والد ڪارو ڪولهي جي درخواست تي زميندار شريف لنڊ جرڳو ڪري نيلو ڪولهي جي معصوم ڌيءُ 4 سالن جي مينا ڪولهي کي سڱ چٽي ۾ راڌا جي مائٽن کي ڏيڻ جو راڄوڻي فيصلو ٻڌايو، جنهن بعد معصوم مينا جا ڪن توڙي نڪ ٽوپي سندس راڌا جي ڀاءُ ڍلو سان مڱڻو ڪرايو ويو، بعد ۾ ڊي پي او فاروق جمالي پڻ ڌرين کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائي جرڳي ۾ ٿيل سڱ چٽي واري فيصلي کي برقرار رکي رڳو معاملي کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ معصوم مينا کي بالغ ٿيڻ تائين ماءُ حوالي ڪرڻ جو نادري حڪم ڏنو، اهڙي صورتحال جو نوٽيس وٺي ڊي آءِ جي ثناءُ الله عباسي ڄاڻايل ڊي پي او کان پڇاڻو ڪري کانئس لکت ۾ وضاحت طلبي ورتي هئي، واضح رهي ته ٽنڊو الهيار جي ضلعي ناظمه توڙي ايم اين ايز خواتين هجڻ باوجود ڪير به نينگري جي مٿي تي هٿ رکڻ لاءِ نه پهتيون.