|
روزانه ڪاوش |
|
عمرڪوٽ ضلعي ناظم جي بجيٽ تقرير دوران عوام دوست ميمبرن جو بائيڪاٽ،ڪورم ٽٽي پيو،اجلاس ٻيهر 8 جولاءِ تي طلب عمرڪوٽ (رپورٽ: لجپت مالهي) عمرڪوٽ ضلعي ڪائونسل جو بجيٽ اجلاس، سئو جي لڳ ڀڳ اهلڪارن جو ضلعي ڪائونسل هال کي ڪڙو، عوام دوست ۽ فنڪشنل حامي ميمبرن ۾ ڇڪتاڻ، بجيٽ تقرير دوران عوام دوست ميمبرن جي بائيڪاٽ سبب ڪورم ٽٽي پيو، اجلاس 8 جولاءِ تي ٻيهر طلب، ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جو بجيٽ اجلاس ڪنوينر ڪنور همير سنگهه سوڊو جي صدارت هيٺ شروع ٿيو ته اجلاس دوران عوام دوست ۽ فنڪشنل ميمبرن ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي، عوام دوست جي ناظم مير غلام مصطفيٰ ٽالپر پوائنٽ آف آرڊر تي اعتراض ڪندي چيو ته ضلعي ناظم عمرڪوٽ فقير مگهن مڱريو لڪ ڇپ ۾ عوام دشمن بجيٽ پيش ڪرڻ چاهي ٿو، اسان کي ڪوبه اطلاع نه ڏنو ويو آهي، تنهن ڪري اهو اجلاس غيرقانوني آهي، ان دوران ڪورم ٽٽڻ جي نشاندهي تي ڪنوينر ايوان ۾ ڳڻپ ڪرائڻ بعد اهو اعتراف ڪيو ته ڪورم ٽٽي پيو آهي، تنهن ڪري بجيٽ اجلاس ٻيهر 8 جولاءِ تي ٿيندو، بعد ۾ پريس ڪلب عمرڪوٽ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي عوام دوست جي ناظمن مير غلام مصطفيٰ ٽالپر، فقير صوفي اسلم، عبدالستار چانڊيو ۽ ٻين چيو ته ضلعي ناظم عوام دشمن بجيٽ لڪ ڇپ ۾ پيش ڪرڻ پئي چاهي، سندس اهڙي ڪوشش ناڪام ڪئي آهي، اسان سندس خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جلد کيس گهر ڀيڙو ڪيو ويندو، هنن چيو ته ضلعي ناظم اسان کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ بجيٽ پيش ڪرڻ پئي چاهي، هنن چيو ته 8 جولاءِ تي ثابت ٿي ويندو ته اڪثريت ڪنهن سان گڏ آهي، هوڏانهن ضلعي ناظم عمرڪوٽ فقير مگهن مڱريو پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ضلعي ناظم سيڪريٽريٽ ٻاهران وڏي تعداد ۾ پوليس نفري بيهارڻ غير جمهوري عمل آهي ۽ کليل دهشتگردي آهي ۽ هڪ سازش تحت اڄوڪي اجلاس ۾ ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اسان جي ميمبرن تي پوليس ذريعي دٻاءُ وجهي همدرديون تبديل ڪرايون پيون وڃن، هن چيو ته اسان بجيٽ پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون ۽ هاڻ 8 جولاءِ تي صرف بحث ٿيندو ۽ جيڪڏهن مخالف ڌر وارا منهنجي خلاف عدم اعتماد آڻڻ چاهين ٿا ته پنهنجو شوق پورو ڪن ۽ ميمبرن جي اڪثريت اسان سان گڏ آهي، ٻئي طرف ڪنوينر ڪنور همير سنگهه سوڊو صحافين کي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته شروع ۾ ڪورم پورو هجڻ ڪري بجيٽ اجلاس شروع ٿيو، بعد ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن جي بائيڪاٽ جي ڪري ڪورم ٽٽي پيو، ان دوران ضلعي ناظم جي تقرير شروع ٿي چڪي هئي پر ڪورم ٽٽڻ سبب بجيٽ اجلاس ٻيهر 8 جولاءِ تي طلب ڪيو ويو آهي، ان ڏينهن ٻيهر بجيٽ پيش ٿيندي. |