|
راضيديري ۾ ناهيد کي ڪاري قرار ڏيندڙ
سرپئنچ ضمانت ڪرائي ورتي، ناري عدالت بدران ڊي پي او وٽ پيش،
زندگي خطري ۾ آهي:ناهيد
خيرپور/گمبٽ/سوڀوديرو (نمائندن وٽان) راضيديري ۾ جرڳو ڪري ڪاري
قرار ڏنل ناري ناهيد لاشاري کي اڳڙا پوليس عدالت ۾ پيش ڪرڻ
بدران ڊي پي او وٽ پيش ڪري ڇڏيو، ناري ڊي پي او آڏو زندگي کي
خطرو ڄاڻائي ڇڏيو، تحفظ جي گهر، پوليس ڏيتي ليتي بعد سرپئنچ جي
ٻن پٽن کي مبينا ڏيتي ليتي بعد آزاد ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ مليل
ڄاڻ موجب راضيديري لڳ ڳوٺ صوبدار لاشاري ۾ عاشق عباسي جي
سرپئنچي ۾ ڪاري قرار ڏنل عورت مسمات ناهيد لاشاري کي پوليس
عدالت ۾ پيش ڪرڻ بدران ڊي پي او خيرپور پير محمد شاهه وٽ پيش
ڪيو، سڱ چتي ۾ ڏنل معصوم نينگري فرزانه، مسمات ناهيد جي مڙس
غلام عباس، مسمات ناهيد جي مامن بخشل، پريل، خدا بخش کي پڻ ڊي
پي او وٽ پيش ڪيو ويو، ٻئي طرف ايس پي او رپڙي راڻا نصر الله
سوڀوديرو پوليس کان سرپئنچ عاشق عباسي جي پٽن فضل ۽ ڪامران کي
آزاد ڪرائي ورتو آهي، ذريعن موجب ايس پي او پوليس کي چيو ته
ضرورت پوڻ تي هو ميان عاشق عباسي کي پيش ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته
فضل ۽ ڪامران جي آزادي ڏيتي ليتي جا چئوٻول هلندڙ آهن، هوڏانهن
مسمات ناهيد ڊي پي او آڏو چيو ته منهنجي زندگي کي خطرو آهي،
مون سان انصاف ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي، سازش تحت ڪارنهن جو
ڪوڙو الزام هڻي فتويٰ ٻڌائي وئي، هن چيو ته غلام عباسي ڪاري
ڪري مارڻ چاهي پيو، جنهن ڪري مون گل حسن لاشاري سان ٻي شادي
ڪئي، هن چيو ته ميان عاشق عباسي جرڳو ڪري مڙس جي ڌر تي سڱ چٽي
۽ لک رپيا ڏنڊ وڌو، هن چيو ته 5 ورهين جي فرزانه لاشاري پنهنجي
5 ورهين جي ڀاءُ نصير لاءِ ورتي هئي، ناهيد چيو ته منهنجي ماما
بيگناهه آهن، اڳوڻو مڙس کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي رهيو آهي، ٻئي
طرف وفاقي حڪومت راضيديري جرڳي ۾ ڪاري قرار ڏنل مسمات ناهيد
لاشاري سڱ چٽي ۾ ڏنل معصوم نينگري 5 ورهين جي فرزانه ۽ جرڳو
ڪرائيندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪندڙ سوڀوديرو پوليس پارٽي کي 2
لک رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، اهڙو اظهار ڊي پي او
خيرپور پير محمد شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هن چيو ته فيصلو
ڪندڙ ميان عاشق عباسي عدالت مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت
منظور ڪرائي ورتي آهي، جڏهن ته سندس ٻن پٽن ميان فضل علي ۽
ميان ڪامران، مسمات ناهيد لاشاري جي ٽن مامن بخشل.، پريل، خدا
بخش ۽ سندس سئوٽ قلب علي لاشاري کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن
خلاف نئين قانون تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪاري قرار
ڏنل ناري ناهيد کي پوليس ميرپورماٿيلو مان گرفتار ڪيو آهي، 5
سالن جي معصوم نينگري فرزانه لاشاري کي سندس والدين حوالي ڪيو
ويندو، جڏهن ته ناهيد کي عدالت ۾ بيان لاءِ اڄ پيش ڪيو ويندو ۽
عدالت جي فيصلي تي عمل ڪيو ويندو، هن چيو ته گرفتار جوابدارن
کي جيل اماڻيو ويندو، جڏهن ته ناري ناهيد جو فيصلو عدالت ڪندي.
|