|
روزانه ڪاوش |
|
پريالوءِ ڀرسان ڏيتي ليتي تان جوابدار هٿان ماروٽ قتل پريالوءِ/پير جو ڳوٺ (نمائندن وٽان) پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ ملهار اوڍي ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان منهن ماري بعد جوابدار بدرالدين اوڍي پنهنجي ماروٽ 18 ورهين جي ساماڻو خان اوڍي کي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو، جڏهن ته لاش گهر آڻڻ تي ڪهرام مچي ويو، هوڏانهن رات جو دير تائين ڪيس داخل نه ٿيو هو، نه ئي جوابدار گرفتار ٿي سگهيو هو.
|