روزانه ڪاوش

گوسڙجي ۾لاشاري ۽ سيد برادري ۾ جهيڙو،ڪارنهن الزام ۾ ناري قتل،2 زخمي،2 ناريون يرغمال

لکي غلام شاهه /باگڙجي(نمائندن وٽان)  گوسڙجي شهر ۾ لاشاري ۽ سيد برادري وچ ۾ جهيڙو، ڪارنهن   الزام تان هڪ عورت قتل، ٻه عورتون يرغمال، فائرنگ ۾ سيد برادري جو  نوجوان دوست سميت زخمي، رپورٽ موجب گوسڙجي شهر ۾  لاشاري برادري جي هٿياربندن سيد  برادري جي  نوجوان  سيد عنايت شاهه ۽ سندس نامعلوم دوست مٿان  فائرنگ ڪري  کين زخمي ڪيو،  زخمين جي فرار ٿيڻ بعد ساڳين هٿياربندن نوجوان  ناري  وحيده ڌيءُ ڪرم علي  لاشاري  کي ڪارنهن  الزام ۾ ڪلاشنڪوف جون  گوليون  هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽  سندس ٻن سئوٽن  حنيفان   لاشاري ۽ نور جهان  لاشاري کي قتل  ڪرڻ لاءِ  يرغمال بڻائي هڪ ڪار ۾  وجهي نامعلوم  هنڌ ڏانهن  فرار ٿي ويا،  جن جي پڻ قتل ٿيڻ  جا افواهه  گردش ڪرڻ لڳا آهن، واقعي جي 6 ڪلاڪن  بعد سکر جي تماچاڻي ٿاڻي   جي پوليس  واقعي واري هنڌ پهچي  سيد ۽ لاشاري  برادري  وچ ۾ پيدا ٿيل  ڇڪتاڻ سبب هلندڙ فائرنگ بند  ڪرائي ۽  قتل ٿيل  ناري جو لاش  بغير پوسٽ مارٽم جي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو  ڪيس داخل  نه ٿي سگهيو هو،  جڏهن ته  زخمي ٿيل سيد برادري جي ٻن ڄڻن کي نامعلوم هنڌ تي رکي علاج ڪرائڻ جا اطلاع آهن، هوڏانهن  ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ڪارنهن الزام ۾ ناري وحيده  لاشاري جي قتل کانپوءِ سندس ٻن  عزيز نارين کي ان ڪري يرغمال بڻائي  نامعلوم هنڌ ڏانهن نيو ويو آهي ته  هو مقتولا سان گڏ صلاح ۾ هيون.