|
دادو تعليم کاتي ۾ نان گزيٽيڊ
آفيسرن کي هٽائڻ وارو حڪم رد،ايڊمنسٽريٽو آفيسر ۽ رجسٽرار جي
بدلي خلاف تالابندي،ڌرڻو
دادو(رپورٽ: نظام شيخ) دادو تعليم کاتي مان نان گزيٽيڊ آفيسر
هٽائڻ وارو حڪم رد، ايڊمنسٽريٽو آفيسر ۽ رجسٽرار جي بدلي خلاف
چڪريون، ڌرڻو، آفيسن جي تالابندي، سيڪريٽري تعليم رضوان احمد
ميمڻ جي حڪم تي تعليم کاتي دادو ۾ 24 نان گزيٽيڊ آفيسرن کي
هٽائي گزيٽيڊ آفيسر مقرر ڪرڻ واري آرڊر کانپوءِ اسيمبلي ميمبرن
۽ وزير وچ ۾ سياسي اڻبڻت ۽ ڇڪتاڻ سبب ساڳين پوسٽن تي ٻه ٻه
آفيسر ڪم ڪرڻ، پراڻن آفيسرن پاران چارج ڇڏڻ کان انڪار ۽ ڇڪتاڻ
وارو مسئلو حڪومتي پارٽي جي اعليٰ قيادت تائين پهچڻ بعد مٿان
جي هدايتن تي ڪالهه اي ڊي او تعليم هڪ نئين حڪم ذريعي اڳ جاري
ڪيل آرڊر رد ڪندي دادو، جوهي، ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه سميت سڄي
ضلعي جي پراڻن آفيسرن کي ساڳين عهدن تي برقرار رهڻ جي هدايت
ڪري ڇڏي، ٻئي طرف ڪالهه اي ڊي او آفيس دادو جي ايڊمنسٽريٽو
آفيسر رحمان ملاح ۽ ڪمرشل ڪاليج جي رجسٽرار عبدالستار ڀٽي کي
بدلي ڪرڻ خلاف آپڪا ۽ لوئر اسٽاف جي ملازمن پاران محمد حيات
بڙدي، آفتاب ملاح ۽ نظير ڀٽي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ
بعد ملازمن قلم ڇڏ هڙتال ڪري اي ڊي او آفيس جي تالا بندي ڪري
ڇڏي ۽ آفيس جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو، تعليم کاتي جي
ڪوآرڊينيٽر جاويد ميمڻ ۽ اي ڊي او شاهه محمد گاڏهي مظاهرين سان
ڳالهيون ڪري رحمان ملاح ۽ ستار ڀٽي کي ساڳين عهدن تي برقرار
رکڻ جو اعلان ڪيو، جنهن بعد ملازمن پاران ڌرڻو ختم ڪيو ويو.
|